خيبرپختونخوا ۾ پائيدار امن جو قيام اڻٽر آھي: وزيراعظم شھباز شريف

فہرستِ مضامین

پشاور: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ خيبرپختونخوا صوبي ۾ پائيدار امن جو قيام هاڻي انتهائي ضروري بڻجي چڪو آهي۔

خيبرپختونخوا سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو تہ خيبرپختونخوا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، حڪومت صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آهي، خيبرپختونخوا ۾ پائيدار امن جو قيام اڻٽر ٿي چڪو آهي۔

هن چيو تہ قومي سلامتي حڪومت جي ترجيح آهي، تنهنڪري داخلي ۽ خارجي سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي پئي وڃي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ساراهہ جوڳيون آهن، رياست دهشتگردي جي ناسور کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ سڀني کي گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو پوندو۔

شهباز شريف چيو تہ جيڪڏھن پنجاب ترقي ڪري ۽ ٻيا صوبا ترقي نہ ڪن تہ اها پاڪستان جي ترقي نہ هوندي، ملڪ تڏھن ئي ترقي ڪندو جڏھن سڀئي صوبا گڏجي ترقي ڪندا۔

هن وڌيڪ چيو تہ پنجاب پنهنجي حصي مان بلوچستان کي 100 ارب رپيا ڏنا، بلوچستان ۾ اهم شاهراهہ جي اڏاوت لاءِ وفاق فنڊز فراهم ڪري رھيو آهي، جڏھن تہ سولر ٽيوب ويلز لاءِ وفاق بلوچستان کي 40 ارب رپيا ڏنا آهن۔

وزيراعظم جو چوڻ هو تہ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي سان مقابلي لاءِ ٻين صوبن پنهنجي حصي مان 800 ارب رپيا ڏنا ۽ خيبرپختونخوا جي عوام ريفرنڊم ۾ پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو۔

شهباز شريف چيو تہ فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ ڀارت خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، گذريل سال جنگ دوران ڀارت جا 7 جهاز ڪيرايا ويا، اڄ سبز پاسپورٽ کي عزت جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو، اسان معاشي ترقي ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رھيا آهيون ۽ ترقي جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻو آهي، پاڪستان معاشي طور مضبوط کان مضبوط ٿي رھيو آهي جنهن سبب عالمي سطح تي ملڪ جو وقار وڌيو آهي۔

وزيراعظم چيو تہ پاڪستان 40 لک افغانن جي ميزباني ڪئي، هاڻي اهو فيصلو افغانستان کي ڪرڻو آهي تہ هو پرامن رھڻ چاهي ٿو يا نہ، افغان عبوري حڪومت کي پنهنجي عوام تي رحم ڪرڻ گهرجي، نوجوانن کي شدت پسندي کان بچائي ھاڪاري رخ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي۔

هن چيو تہ هن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي فون ڪري عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، جنهن تي وڏي وزير ٿورا مڃيا،  پر ان کانپوءِ ٻيهر ڪو رابطو نہ ٿيو۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں