خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 30 دھشتگرد مارجي ويا

فہرستِ مضامین

خيبرپختونخوا جي مختلف مختلف علائقن سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران 30 دھشتگرد مارجي ويا آھن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ ڪُرم ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين دوران 23 خارجي مارجي ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪُرم ۾ ھڪ ڪارروائي دوران 12 ۽ ٻي ڪارروائي ۾ 11 دھشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ ھو تہ مھمند ۾ ڪارروائي دوران ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ 4 دھشتگردن کي ماريو ويو آھي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب لڪي مروت ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 ۽ ٽانڪ ۾ ھڪ دھشتگرد مارجي ويو.

ٻئي پاسي 30 دھشتگردن کي مارڻ تي وزيراعظم شھباز شريف ۽ گھرو وزير محسن نقوي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں