اسلام آباد: ناڻي واري وزارت خيبرپختونخوا کي جاري فنڊز جي حوالي سان دستاويز جاري ڪري ڇڏيا آھن
دستاويزن موجب خيبرپختونخوا حڪومت ۾ 15 سالن ۾ وفاق پاران 8 ھزار 400 ارب رپيا کان وڌيڪ رقم ملي
ناڻي واري وزارت موجب 2010 کان اين ايف سي تحت خيبرپختونخوا حڪومت کي 5 ھزار 867 ارب رپيا ادا ڪيا ويا، اين ايف سي تحت صوبن کي ھر 15 ڏينھن ۾ فنڊز ملندا آھن ۽ خيبرپختونخوا حڪومت جون ڪي بہ رھتون ناھن.
دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ 17 ڊسمبر 2025 کان خيبرپختونخوا حڪومت کي 46 ارب رپين کان وڌيڪ فنڊز جاري ٿيا، 2010 کان دھشتگردي جي اضافي بار تي خيبرپختونخوا حڪومت کي ھڪ سيڪڙو اضافي فنڊ ڏنا ويا، ھيل تائين ان مد ۾ 705 ارب رپيا ڏنا ويا
دستاويزن موجن نئين ضم ٿيل ضلعن لاءِ وفاق پنھنجي حصي مان 2019 کان ھن وقت تائين 704 ارب رپيا منتقل ڪيا.
ياد رھي تہ ڪي پي جي وڏي وزير سھيل آفريدي چيو ھو تہ وفاق کان صوبن کي رڳو 2200 ارب رپيا ملندا آھن….