خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي تبديل ڪرڻ جو امڪان

فہرستِ مضامین

خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي ھٽائڻ جو امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي .

ذريعن موجب ڪي پي جي نئين گورنر لاءِ 6 نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، جن ۾ 3 سياسي شخصيتون ۽ 3 اڳوڻا فوجي آفيسر شامل آھن.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ سياسي شخصيتن ۾ امير حيدر خان ھوتي، آفتاب شي پائو ۽ پرويز خٽڪ جا نالا غور ھيٺ آھن.

ذريعن موجب ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ خالد رباني، ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ غيور محمود ۽ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ طارق خان جا نالا بہ غور ھيٺ آھن.

ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ غيور محمود ۽ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ طارق خان ايف سي جا اڳوڻا آءِ جي پڻ رھي چڪا آھن، جڏھن تہ ليفٽيننٽ رٽائرڊ خالد رباني اڳوڻو ڪور ڪمانڊر پشاور رھي چڪو آھي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں