خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سھيل آفريدي  طرفان وفاقي حڪومت تي 5300 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام

فہرستِ مضامین

خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سھيل آفريدي وفاقي حڪومت تي 5300 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام لڳايو آھي.

پشاور جي انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سھيل آفريدي چيو تہ ھي عوام جو پيسو آھي، جنھن سان پرڏيھ ۾ فليٽ ۽ ٻيٽ خريد ڪيا پيا وڃن.

ھن چيو تہ ايندڙ مھيني اين ايف سي اجلاس ۾ صوبن کي نہ ملندڙ فنڊز جو مامرو اٿارينداسين.

سھيل آفريدي جو چوڻ ھو تہ فاٽا جَي ضم ٿيڻ بعد اين ايف سي ۾ ڪي پي جو حصو 19 سيڪڙو ٺھي ٿو، يونيورسٽي ۾ ان حوالي سان ھر مھيني سينيمار ٿيڻ گھرجن.

ٻئي پاسي سھيل آفريدي جي صدارت ھيٺ پشاور ۾ پارليامينٽرينز جو اجلاس بہ ٿيو، جنھن ۾ شھر جي ترقي لاءِ 100 ارب رپين  جي منصوبن تي گڏيل اجلاس گھرائڻ جو اعلان ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں