خيبرپختونخواھ جَي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آھي تہ کيس وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ ناھي ملي، فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آھي تہ استعيفيٰ جو متن پڙھي خبر پوندي تہ علي امين گنڊاپور اِھو قدم ڇو کنيو آھي، ڪو قانوني مونجھارو ٿيو تہ استعيفيٰ واپس بہ ٿي سگھي ٿو، گذريل ڏينھن علي امين گنڊاپور خيبرپختونخواھ جي وڏ وزارت تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو ھو.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان، علي امين گنڊاپور کي وڏ وزارت جي عھدي تان ھٽائيندي سھيل آفريدي کي نامزد ڪيو ھو.
علي امين گنڊاپور فيصلي جي تصديق ڪندي اعلان ڪيو ھو تہ ھو وڏ وزارت جي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي رھيو آھي، عمران خان جي غير مشروط حمايت جاري رکي ويندي.