پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواھ ڪابينا ۾ وڏي تبديلي جو فيصلو ڪيو آھي، پي ٽي آءِ جي ذريعن دعويٰ ڪئي آھي تہ وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي ھٽائڻ جو فيصلو ٿي ويو آھي.
پي ٽي آءِ ذريعن دعويٰ ڪئي آھي تہ سھيل آفريدي کي خيبرپختونخواھ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويندو، ان حوالي سان پي ٽي آءِ تصديق يا ترديد ناھي ڪئي.
ياد رھي تہ ڪجھ ڏينھن اڳ خيبرپختونخواھ جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور باني پي ٽي آءِ عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي ھئي، جنھن بعد ھن وڊيو بيان ۾ اِھا دعويٰ ڪئي ھئي تہ کيس عمران خان جو مڪمل اعتماد حاصل آھي.
علي امين گنڊاپور اِن وڊيو بيان کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي ھئي جنھن ۾ ھن عمران خان جي ڀيڻ عليمہ خان تي پي ٽي آءِ ۾ ڌڙا بندي ۽ ٻيا سنگين نوعيت جا الزام لڳايا ھئا.
علي امين گنڊاپور عليمہ خان تي الزام ھنيو ھو تہ ھوءَ ايجنسيز جي سھولتڪاري ڪري رھي آھي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ ڌڙا بندي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاھي ٿي.
عليمہ خان علي امين گنڊاپور جي اھڙن الزامن جي سختي سان ترديد ڪئي ھئي.