خيبرپختونخواھہ ۾ فورسز جي ٻن آپريشنز ۾ 35 دھشتگرد مارجي ويا، 12 فوجي جوان بہ شھيد: آءِ ايس پي آر

فہرستِ مضامین

آءِ ايس پي آر موجب باجوڙ ضلعي ۾ دھشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، جنهن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 22 دھشتگرد مارجي ويا۔

آءِ ايس پي آر موجب ٻيو آپريشن ضلعي ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪيو ويو، جتي سيڪيورٽي فورسز وڌيڪ 13 دھشتگرد کي ماريو۔ فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته شدت پسندن جي فائرنگ ۾ 12 فوجي اهلڪار به شھيد ٿي ويا آھن.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دھشتگردن وٽان هٿيار هٿ آيا آهن ۽ مارجي ويل دھشتگرد ڪيترن ئي دهشتگرد حملن ۾ ملوث هئا۔

پاڪستان فوج مارجي ويل دھشتگردن کي ڀارتي ”انسپانسرڊ“ قرار ڏنو، خيال رھي تہ ڀارتي اختياريون ماضي ۾ اھڙن الزامن جي ترديد ڪنديون رھيون آھن.  

آءِ ايس پي آر اهو به چيو ته ’انٽيليجنس رپورٽن مان تصديق ٿئي ٿي ته انهن ڪارروائين ۾ افغان شهري ملوث آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر دعويٰ ڪئي تہ شدت پسندن طرفان پاڪستان ۾ حملن لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪئي پئي وڃي۔ پاڪستان پراميد آھي تھ افغان عبوري حڪومت پنهنجي ذميواري نڀائي ۽ پاڪستان خلاف دهشتگرد سرگرمين ۾ پنهنجي زمين استعمال ٿيڻ کي روڪي.

ياد رهي ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي وزيرِ دفاع ملا يعقوب دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان جا ’سيڪيورٽي ادارا ڪمزور آهن ۽ اها ڪمزوري لڪائڻ لاءِ هو افغانستان تي الزام مڙهين ٿا۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں