خيبرپختونخواه ۾ امدادي سرگرمين دوران ڪِري تباهه ٿيل ھيليڪاپٽر جو ملبو سامان چوري، 2 ڄڻا گرفتار

فہرستِ مضامین

خيبرپختونخوا جي ضلعي مھمند ۾ امدادي سرگرمين دوران ڪِريل ھيليڪاپٽر جي ملبي مان سامان چوري ٿي ويو، جنھن بعد پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

پوليس موجب ھيليڪاپٽر جي ملبي مان سامان چوري ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، ٻنھي گڏجي ھيليڪاپٽر جلي ملبي مان سامان چوري ڪيوھو.

سامان چوري ڪندڙ جوابدارن جي سڃاڻپ

پوليس جو چوڻ ھو تھ گرفتار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ ياسين ۽ باسط جي نالن سان ٿي آھي، کين وقت سر ڪارروائي دوران گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدارن جو تعلق درياب ڪورونا ميچيني واري علائقي سان آھي، جوابدارن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي تھ کين سوگھو ڪيو ويو، سندن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي.

ڪي پي حڪومت جو ھيليڪاپٽر ڪڏھن ۽ ڪٿي ڪريو ھو؟

2 ڏينھن اڳ باجوڙ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين دوران ڪي پي حڪومت جو ھيليڪاپٽر ڪِري تباھ ٿي ويو ھو.

ڪي پي حڪومت جو ھيليڪاپٽر ڪِرڻ سبب پائليٽس سميت عملي جا 5 ڄڻا شھيد ٿي ويا آھن، جن جي تدفين به اڄ سندن اباڻن علائقن ۾ ڪئي وئي آھي.

ھيليڪاپٽر حادثي جو سبب ڪھڙو آھي؟

شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ھيليڪاپٽر سان حادثو جھُڙ ۽ ڪوھيڙي سبب پيش آيو آھي، حادثي جو شڪار ٿيل ھيليڪاپٽر 20 منٽ تائين اڏام ڪئي، جنھن بعد اھو حادثو جو شڪار ٿيو.

ٻئي پاسي سرڪاري ذريعن ٻڌايو ته شھيدن جا جزا به لاھور ليباريٽري اماڻيا ويا آھن، جن جي رپورٽ ڪجھ ڏينھن ۾ ملي ويندي، شھيدن ۾ پائليٽ شاھد سلطان ۽ رٽائرڊ ونگ ڪمانڊر آفتاب شامل آھن.

جاچ ٽيم جو ھيليڪاپٽر به لينڊ نه ٿي سگھيو

ھيليڪاپٽر حادثي جي جاچ ڪندڙ ٽيم ھڪ ڀيرو ٻيھر مھمند ضلعي پھتي، سرڪاري ذريعن ٻڌايو ته جاچ ٽيم ھيليڪاپٽر ذريعي ئي حادثي واري ھنڌ جون وڊيوز ۽ تصويرون ڪڍيون.

سرڪاري ذريعن موجب مناسب ھنڌ نه ھجڻ سبب جاچ ٽيم جو ھيليڪاپٽر لينڊ نه ٿي سگھيو، ٽيم جائزو ورتو ته حادثي جو شڪار ھيليڪاپٽر ڪھڙي طرف کان آيو ۽ ڪھڙي طرف وڃي رھيو ھو.

ھيليڪاپٽر حادثي ۾ شھيد ٿيل 5 ڄڻا ڪير آھن؟

باجوڙ واري علائقي ۾ ٿيل ھيليڪاپٽر حادثي ۾ شھيد ٿيل 5 ڄڻن جا تفصيل سامھون آيا آھن، سرڪاري ذريعن موجب شھيد ڪرنل رٽائرڊ شاھد سلطان جو تعلق ايبٽ آباد سان ھو، شاھد سلطان آرمي مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد سينيئر پائليٽ طور خدمتون سرانجام ڏئي رھيو ھو.

سرڪاري ذريعن موجب شھيد رٽائرڊ ڪمانڊر آفتاب جو تعلق لاھور سان ھو، ھو ايئر فورس مان رٽائرڊ ٿيو ھو، شھيد فلائيٽ انجنيئر سليم تلھ گنگ جو رھواسي ھو، سليم ايئر فورس مان رتائرڊ ٿيو ھو.

سرڪاري ذريعن ٻڌايو ته شھيد ڪريو چيف مختار جو تعلق صوابي سان ھو، جيڪو پاڪ فوج مان رٽائرڊ ٿيو ھو.

ذريعن موجب حادثي جو شڪار ٿيل ھيليڪاپٽر گذريل 5 مھينن دوران ڪرم ۾ امدادي ڪاررواين لاءِ ڪيتريون ئي اڏامون ڪيون ھيون، اھو ھيليڪاپٽر 2020 ۾ روس مان گھرايو ويو ھو، اھو ھيليڪاپٽر پنجاب ۽ بلوچستان حڪومت جي استعمال ھيٺ به رھيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں