خيبرپختونخواهه ۾ برساتي ٻوڏ ۾ فوتين جي انگ ۾ اضافو، انتظاميا جي اجازت کانسواءِ امداد ورهائڻ تي پابندي

فہرستِ مضامین

خيبرپختونخواه جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ فوتين جو انگ 377 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ⁠تہ اختيارين جو چوڻ آهي ته هڪ اندازي موجب مختلف علائقن ۾ اڃا تائين لڳ ڀڳ 100 ماڻهو گم آهن.

قدرتي آفتن سان منهن ڏيڻ واري اداري پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ ٿيل برساتن ۽ فليش فلڊ جي نتيجي ۾ مختلف حادثن ۾ هيل تائين 377 ماڻهو فوت ۽ 182 زخمي ٿيا آهن۔

اداري پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق، فوتين ۾ 294 مرد، 50 عورتون ۽ 33 ٻار شامل آهن۔

پي ڊي ايم اي موجب، برساتن ۽ فليش فلڊ جي ڪري صوبي ۾ مجموعي طور 1377 گهرن کي نقصان پهتو، جن مان 355 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن.

انگن اکرن موجب، ڪي پي ۾ برساتي ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ بونير ضلعو متاثر ٿيو آهي، جتي هيل تائين 228 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن۔

خيبرپختونخواهه جا ٻيا ضلعا سوات، باجوڙ، مانسهره، شانگله، دير لوئر، بٽگرام ۽ صوابي به متاثر ٿيا آهن۔

پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي مدد لاءِ ايمرجنسي آپريشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي ۽ عوام ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جو اطلاع، موسمي صورتحال جي ڄاڻ لاءِ فري هيلپ لائن 1700 تي رابطو ڪري سگهن ٿا۔

صوابي ۾ فوتين جو انگ 33  ٿي ويو

خيبر پختونخواه ۾ قدرتي آفتن بابت فوڪل پرسن امجد خان ٻڌايو ته صوابي ۾ گذريل رات ۽ اڄ صبح وڌيڪ لاش مليا آهن،جنهن کانپوءِ ڪلائوڊ برسٽ سبب فوتين جو انگ 33 ٿي ويو آهي۔

هن چيو ته بونير، صوابي ۽ شانگله جي ڪجهہ علائقن ۾ آفت دوران مختلف حادثن کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو گم ٿي ويا آهن، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، اُهي ماڻهو يا ته پاڻي وهڪرن ۾ لڙهي ويا يا ملبن ۾ دٻجيل آهن.

صوابي جي تعلقي ٽوپي جي دالوڙي ۾ مقامي ماڻهن ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته صبح جو وقت هو ته علائقي ۾ بادل آيا ۽ اوچتو اهڙو پاڻي آيو جو کين پاڻ سنڀالڻ جو موقعو ئي نه مليو.

ياد رهي ته هن علائقي ۾ موبائل فون سروس ڪم نٿي ڪري ۽ ڳوٺ تائين پهچڻ لاءِ پيدل سفر ڪرڻو پوي ٿو.

فوڪل پرسن امجد خان جو چوڻ هو ته حتمي طور نه ٿو چئي سگهجي ته ڪيترا ماڻهو گم آهن پر هڪ اندازي موجب اڃا تائين لڳ ڀڳ 100 ماڻهو گم ٿي سگهن ٿا.

برساتن، ڪڪر ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ سبب اڃا تائين ضلعي بونير ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ٿيون آهن، پي ڊي ايم اي موجب، بونير ۾ هيل تائين 228 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن۔

بونير جي مقامي صحافي سلطان بونيري ٻڌايو ته سڀ کان وڌيڪ نقصان بشونئي ۾ ٿيو آهي، قدر نگر ۽ چغرزئي ۾ به ماڻهو فوت ٿيا آهن، گذريل ڏينهن چغرزئي ۽ ڀرپاسي ڳوٺن جو رستو بحال ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اتي ريسڪيو ۽ رليف جو ڪم جاري آهي۔

انتظاميا جي اجازت بنا امدادي سامان ورهائڻ تي پابندي

ٻئي پاسي بونير جي ڊپٽي ڪمشنر پاران جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن ۾ مقامي اختيارين کي چيو ويو آهي ته اها ڳالهه يقيني بڻائي وڃي ته مقامي انتظاميا جي اجازت کانسواءِ ڪنهن کي به بونير ۾ امدادي سامان ورهائڻ يا بحالي جي ڪم ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏني وڃي۔

مقامي طور ٻڌايو ويو آهي ته بحالي جي ڪم ۾ سرگرم ماڻهن کي مقامي انتظاميا سان رابطو ڪرڻو پوندو ۽ اجازت ملڻ کان پوءِ ئي اهي بحالي جي ڪم ۾ حصو وٺي سگهن ٿا۔

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هن فيصلي جو مقصد اصل متاثر ماڻهن ۾ امدادي سامان جي منصفاڻي ورهاست کي يقيني بڻائڻ آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں