خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پاران ڪالاباغ ڊيم جي حمايت، ن ليگ به حامي،  پي ٽي آءِ مخالفت ڪري ڇڏي، پيپلز پارٽي جو سخت رد عمل

فہرستِ مضامین

رپورٽ: صدام ڪولاچي / ڪراچي

ملڪ ۾ درياهي ٻوڏ کانپوءِ وزير اعظم شهباز شريف، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ۽ مريم اورنگزيب ٻوڏ جي تباهي تي پنهنجن بيانن ۾ چيو هو ته” جيڪڏهن اڄ ڪالاباغ ڊيم“ هجي ها ته ايڏي وڏي تباهي نه ٿئي ها.

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن جي اهڙن بيانن کانپوءِ خيبرپختونخواهه جَي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو هو ته ڪالا باغ ڊيم تي صوبن سان مشاورت ٿيڻ گهرجي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ اهڙن منصوبن کي ٺاهڻ گهرجي، علي امين گنڊاپور ڪالا باغ ڊيم جي سڌي ريت حمايت ڪئي هئي، جنهن تي پاڪستان تحريڪ انصاف، مسلم ليگ(ن) ۽ پنجاب جي ٻين ننڍن جماعتن جي اڳواڻن علي امين گنڊاپور جي اهڙي بيان جي نه رڳو حمايت ڪئي پر ڪالاباغ ڊيم کي وقت جي ضرورت به قرار ڏنو هو.

پيپلزپارٽي ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ واري بيان جي مخالفت ڪئي

پيپلزپارٽي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ واري بيان جي مخالفت ڪري ڇڏي، پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙي پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ کي بنجر بڻائڻ ۽ بک مارڻ جو منصوبو آھي، ڊيم کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.

وڊيو بيان ۾ نثار کھڙو چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھه ڪالاباع ڊيم جي مخالفت ڪري چڪا آھن، ٽنھي صوبن جي اسيمبلين ڪالاباع ڊيم جي خلاف ٺھراءُ به منظور ڪيو،  علي امين گنڊاپور ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪري پنھنجي ئي اسيمبلي جي توھين ڪري رھيو آھي.

ھن چيو ته علي امين گنڊاپور کي سياست سکڻ جي ضرورت آھي، ڇو ته کيس ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪرڻ کان اڳ سوچي سمجھي ڳالھائڻ گھرجي، جڏھن ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ ٺھراءُ منظور ٿيو، شايد گڏھن علي امين گنڊاپور سياست ۾ ئي نه ھو.

نثار کھڙي الزام ھنيو ته پي ٽي آءِ ۽ باني سندن باني ڪالاباغ ۽ نون صوبن جا حمايتي آھن، سنڌو جو عوام، سنڌو جي پاڻي تي سـِر ڏيندو آھي، ڪالاباغ ڊيم سنڌ کي بنجر بڻائڻ ۽ اسان کي بک مارڻ جو منصوبو آھي،سنڌ کي ڪنھن بھ صورت ۾ ڪالاباغ ڊيم قبول نه آھي.

نثار کھڙي سوال ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم جي ڳالھه ڪندڙن کان اھو پڇڻ چاھيان ٿو ته ڀاشا ڊيم تي قرض ورتو، اھو ھيل تائين ڇو ناھي ٺھيو؟،پي ٽي آءِ پنھنجي ٽن سالن جي دور ۾ ديا مير ۽ مھمند ڊيم ڇو مڪمل ناھن ڪيا؟، پي ٽي آءِ جو ھاڻي اصل چھرو سامھون اچي ويو آھي.

علي امين گنڊاپور جو ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ بيان سندس ذاتي راءِ قرار

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد قيصر ڪالاباغ ڊيم جي حمايت بابت خيبرپختونخواھه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو بيان سندس ذاتي راءِ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پارليامينٽ ھائوس ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي اسد قيصر چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي حمايت بابت علي امين گنڊاپور جو بيان ذاتي آھي، پارٽي پاليسي ناھي، اسان سمجھون ٿا ته ھن وقت ڪالاباغ ڊيم جي ڪا به ضرورت ناھي.

ھن چيو ته ملڪ ۾ ٻيا به ننڍا ڊيم ٺھي سگھن ٿا، علي امين جي پنھنجي علائقي ۾ چشما رائٽ بينڪ ڪئنال منصوبو آھي، جنھن سان علائقي جي پاڻي جي ضرورت پوري ٿي ويندي.

پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ اسد قيصر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته تڪراري شين کي غير ضروري طور نه ڇيڙڻ گھرجي.

واضح رھي ته ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور گذريل ڏينھن ڪالاباغ ڊيم ٺھڻ جي حمايت ڪندي چيو ھو ته ڪالاباغ جھڙو ڊيم نه ٺھڻ ملڪ ۽ نسلن سان زيادتي آھي.

پي ٽي آءِ سنڌ به علي امين گنڊاپور جي بيان جي حمايت نه ڪئي

تحريڪ انصاف سنڌ، ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندي علي امين گنڊاپور جو بيان سندس ذاتي راءِ قرار ڏئي ڇڏي، جاري ڪيل وڊيو ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو ته ڪالاباغ ڊيم مئل گھوڙو آھي، ڪنھن به حمايت نه ڪنداسين، ماضي ۾ باني پي ٽي آءِ وزيراعظم ۽ چيئرمين طور ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪري چڪو آھي.

ھن چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ بابت بيان علي امين گنڊاپور جو بيان سندس ذاتي سوچ ٿي سگھي ٿي، ان بيان تي خيبرپختونخواھ جي ٻين اڳواڻن به وضاحت ڏني آھي.

حليم عادل شيخ جو چوڻ ھو ته پارٽيءَ جي صدر طور وضاحت ڪيان ٿو ته ڪالاباغ ڊيم مئل گھوڙو آھي، اھڙي منصوبي جي حمايت نه ڪنداسين، جنھن سان وفاق ڪمزور ٿئي.

پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر واضح ڪيو ته ڊيم ضرور ٺھڻ گھرجن پر اھڙن تڪراري منصوبن جي حمايت نه ڪنداسين، جنھن سان صوبن کي نقصان ٿئي، ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيون ٿا، اھو ئي پارٽيءَ جو موقف آھي.

قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو پنهنجي بيان ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان کي سنڌي، پشتون ۽ بلوچ قوم سان دشمني قرار ڏنو آهي، اياز لطيف پليجو چيو ته ڊيم ڪنهن به صورت ٺهڻ نه ڏينداسين.

ڪالاباغ ڊيم آهي ڇا؟

ڪالاباغ ڊيم پاڪستان جي تجويز ڪيل وڏن آبي منصوبن مان هڪ آهي، جيڪو پنجاب صوبي ۾ ميانوالی ضلعي جي ڪالاباغ واري علائقي ۾ سنڌو درياهه تي ٺاهڻ جي تجويز هيٺ آهي.

هي منصوبو پاڪستان ۾ وڏو تڪراري رهيو آهي، ڇاڪاڻ⁠ تہ سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي سياسي پارٽين ۽ ماڻهن کي خدشو آهي ته هن ڊيم سان پاڻي جي ورهاست ۾ صوبائي اڻبرابري پيدا ٿيندي ۽ انهن جا حق متاثر ٿيندا۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں