خالد خان لنڊ ڪروڙن جا گھپلا ھنيا، ڪرپشن جا ثبوت موجود آھن: گھوٽڪي جي اڳوڻي ڊي سي جو رد عمل

فہرستِ مضامین

پاڪستان پيپلز پارٽي جَي ايم اين اَي خالد لنڊ ۽ گھوٽڪي جَي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر وچ ۾ لفظي جنگ تيز ٿي وئي آھي، خالد لنڊ جي الزامن تي اڳوڻي ڊي سي جو موقف بہ سامھون اچي ويو آھي.

گذريل ڏينھن ڊبليو ٽي اين تي خبر نشر ٿي ھئي تہ ايم اين اي خالد لنڊ گھوٽڪي  جي اڳوڻي دپٽي ڪمشنر سيد محمد علي زيدي تي ھٿيارن جا لائسنس وڪڻڻ، اختيارين جو ناجائز استعمال ۽ ٻيا سنگين الزام ھنيا آھن، جنھن تي وزير اعظم سيڪريٽريٽ ڊپٽي ڪمشنر خلاف جاچ جو حڪم پڻ ڏنو ھو.

گھوٽڪي جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سيد محمد علي زيدي پنھنجي رد عمل ۾ خالد خان لنڊ تي سنگين نوعيت جا الزام ھنيا آھن.

ھن الزام ھنيو تہ سي ايس آر فنڊز ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ٿي،50 کان وڌيڪ آر او پلانٽس ناقص معيار سبب غيرفعال نڪتا، اِنھن ٽينڊرن جي منظوري خالد خان لنڊ  ڏني ھئي.

اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سيد محمد علي زيدي الزام ھنيو تہ خالد خان لنڊ خلاف جاچ شروع ٿي تہ اُن ڌمڪيون ڏنيون، خالد خان لنڊ 50 ڪروڙ رپين جي زمين جعلي ليٽر تي الاٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، غيرقانوني حڪمن کان انڪار تي خالد لنڊ ڌمڪيون ڏنيون.

اڳوڻي ڊپٽي ڊپٽي ڪمشنر ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو تہ بدلي ٿيڻ بعد کيس سوشل ميڊيا تي نشانو بڻايو ويو، خالد خال لنڊ جي ترقياتي منصوبن ۾ بدعنواني جا ثبوت موجود آهن،  ادارا شفاف جاچ ڪندا تہ سڀ پڌرو ٿي پوندو.

گھوٽڪي جي اڳوڻي ڊي سي پاران خالد خان لنڊ جي الزامن جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں