مومل جي ماڙي(رپورٽ: حضور بخش مھر) وزير اعظم سيڪريٽريٽ گھوٽڪي جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سيد محمد علي زيدي خلاف جاچ جو حڪم ڏنو آھي. 5 سال اڳ مقامي ايم اين اي خالد خان لنڊ سندس خلاف بدعنوانين جا الزام مڙھيا ھئا.
وزير اعظم سيڪريٽريٽ پاران 9 آڪٽوبر 2025 تي جاري ڪيل ليٽر ۾ ايم اين اي خالد خان لنڊ جي 2020 واري شڪايت جو حوالو ڏيندي وفاقي گھرو کاتي کي ڊي سي خلاف جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.
ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ معزز اسيمبلي ميمبر شڪايت ۾ اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سيد محمد علي زيدي تي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ مالي بي ضابطگين جا الزام ھنيا آھن. ان کانسواءِ شڪايت ۾ اِھو بہ چيو ويو تہ ھُن ٻين ضلعن جي غير واسطيدار ماڻھن کي ھٿيارن جا لائسنس وڪرو ڪيا، جنھن جي ڪري ڪچي ۾ امن امان جو مسئلو پيدا ٿيو.
ليٽر ۾ لاڳاپيل اختيارين کي ھدايت ڪئي وئي آھي تہ ڊي سي خلاف جاچ ڪري کين آگاھ ڪيو وڃي.
خالد خان لنڊ جو موقف
ايم اين اي خالد خان لنڊ ڊبليو ٽي اين کي موقف ڏنو آھي تہ اِن ڊپٽي ڪمشنر 700 لائسنس وڪرو ڪيا آھن ۽ (في لائسنس 65 ھزار 70 ھزار) روپيا ورتا اٿس، اسان جي ضلعي ۾ ھڪ لائسنس بہ ناھي. اُن ڊپٽي ڪمشنر خلاف چيف سيڪريٽري، نيب ۽ ٻين ادارن کي لکيو آھي، اسان وٽ ثبوت آھن تہ اُن حيدرآباد ۽ سکر جي ماڻھن کي ڏنا ويا آھن.