حڪومت کي ڏنل مھلت ختم، آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ  ڀاڙن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد مال بردار گاڏين جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان شين جي آمدرفت ۽ قيمتن تي وڌيڪ اثر پوڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعوان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو آهي ته روزاني بنياد تي قيمتون تبديل ٿيڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.

ملڪ شهزاد اعوان چيو ته حڪومت جي خاطري تي ملڪ گير هڙتال 40 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪئي وئي هئي، جڏهن ته حڪومت پاران گهريل 40 ڏينهن جي مهلت ايندڙ هفتي ختم ٿي رهي آهي.

هن چيو ته 40 ڏينهن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٽرانسپورٽرز جي ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.

ٻئي طرف جماعت اسلامي پيٽروليم ليوي خلاف 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ خلاف ٽرانسپورٽرز ۽ سياسي ڌرين جي احتجاجي قدمن سان حڪومت تي دٻاءُ وڌيڪ وڌڻ جا امڪان آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں