اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان جي صحت اسان لاءِ اوليت آهي ۽ ان تي سوديبازي نه ڪنداسين. اسان جو مطالبو سادو آهي ته کيس فوري طور اسپتال منتقل ڪيو وڃي.
اسد قيصر موجب، پارليامينٽ هائوس اڳيان ڌرڻو عمران خان جي صحت لاءِ آهي. هن چيو ته عمران خان پاڻ ناصر عباس ۽ محمود خان اچڪزئي کي ذميواريون سونپيون آهن ۽ اسين سندن حڪم تي گڏ آهيون.
اڳوڻي اسپيڪر الزام لڳايو ته جڏهن هو احتجاج لاءِ پهتا ته پارليامينٽ هائوس، پارليامينٽ لاجز ۽ ڪي پي ڪه هائوس کي تالا لڳايا ويا هئا.
هن موجودہ صورتحال کي مارشل لا کان به بدتر قرار ڏيندي چيو ته شاهراهه دستور تي ڪرفيو جھڙي صورتحال آهي، جتي صحافين کي به وڃڻ جي اجازت ناهي ۽ قومي نمائندن لاءِ کائڻ پيئڻ ۽ دوائن تي به پابندي لڳائي وئي آهي.
پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران ڪوهالا پل بند، ڪشمير ۽ پاڪستان جو رابطو ڪٽجي ويو

عمران خان جي اکين جي علاج ۽ اسپتال منتقلي جي مطالبي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ڪوهالا وٽ پاڪستان ۽ ڪشمير کي ملائيندڙ پل کي بند ڪري ڇڏيو آهي.
آچر ڏينهن ٻن وڳي کان جاري هن احتجاج سبب پل جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن.
مظاهرين پرامن آهن ۽ گاڏيون روڪڻ باوجود پيادل گذرندڙ ماڻهن کي رستو ڏنو پيو وڃي، پر سوارين جي بندش سبب مسافر سخت پريشان آهن.
پل بند ڪرڻ جو اڳواٽ اعلان نه ٿيڻ ڪري سياح ۽ عام شهري وڏي انگ ۾ رستن تي ڦاسي پيا آهن.