اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ نوجوانن جي تعليمي قابليت کي وڌائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ حڪومت جي ترجيح آهي، وفاقي حڪومت نوجوانن جي مهارتن ۽ صلاحيتن ۾ وڌيڪ واڌ لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ڪندي۔
وزيراعظم محمد شهباز شريف، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان سان ملاقات ڪئي.
ملاقات جي موقعي تي رانا مشهود وزيراعظم کي يوٿ پروگرام ۽ خاص طور تي ليپ ٽاپ اسڪيم بابت معاملن تي بريفنگ ڏني۔
وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت نوجوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جاري قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو۔…