حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ چاھي ٿي پر آءِ ايم ايف جي شرطن سبب رليف نہ پيو ڏئي سگھجي: راڻا ثناءُ اللہ

فہرستِ مضامین

وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ اللہ چيو آھي تہ حڪومت ماڻھن کي رليف ڏيڻ چاھي ٿي پر آءِ ايم ايف جي شرطن سبب رليف نہ پيو ڏئي سگھجي.

خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالھائيندي راڻا ثناءُ اللہ چيو تہ پي ٽي آءِ باني کي لانچ ڪيو ويو، سندس اچڻ سان ملڪ ۾ وڏي تباھي آئي، 2017 ۾ مھانگائي 3 سيڪڙو ھئي، جيڪا چئن سالن ۾ 40 سيڪڙو تائين پھچي وئي.

سندس چوڻ ھو تہ حڪومت ماڻھن کي رليف ڏيڻ چاھي ٿي پر آءِ ايم ايف جي شرطن سبب رليف نہ پيو ڏئي سگھجي، آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ٿيڻ بعد رليف ڏنو ويندو.

راڻا ثناءُ اللہ جو چوڻ ھو تہ حڪومت جي پھرين ترجيح آھي، جن ملڪ کي تباھ ڪيو، انھن جي احتساب جو وقت بہ اچي سگھي ٿو پر ڪم رڳو ملڪي بھتري لاءِ ٿيڻ گھرجي. ھن چيو تہ ننڍي چونڊن ۾ ڪاميابي تي خوشي بہ ٿي ۽ حيراني بہ ٿي، ڪي پي جو وڏو وزير ھريپور ۾ مھم ھلائي رھيو ھو، ڌمڪيون بہ ڏئي رھيو ھو، پر تنھن باوجود ھارائي ويا..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں