حڪومت سان ڳالھيون ڪامياب، گڊز ٽرانسپوٽرز پاران ھڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

ڪراچي: حڪومت ۽ ٽرانسپورٽرز وچ ۾ ڳالھيون ڪامياب ٿي ويون آھن، جنھن کانپوءِ گڊز ٽرانسپورٽرز ايسوسي ايشن سموري ملڪ ۾ ھڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيوآھي.

گڊز ٽرانسپوٽرز ايسوسي ايشن جي صدر ملڪ شھزاد اعلان ڪيو آھي تہ حڪومت جيڪي واعدا ڪيا آھن انھن جي بنياد تي ھڙتال ختم ڪري رھيا آھيون.

ملڪ شھزاد اعواڻ ٻڌايو تہ گذريل 10 ڏينھن کان ٽرانسپوٽرز احتجاج ڪري رھيا ھئا جنھن ڪري سموري ملڪي ۾ صنعتي مال جي فراھمي ۾ ڏکيائيون پيش اچي رھيون ھيون.

ھڙتال دوران سپلائي چين متاثر ٿئي ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ رنڊڪ پيدا ٿي ھئي، جنھن سان معيشت تي ناڪاري اثر پيا.

گڊز ٽرانسپورٽرز ايوسي ايشن جي صدر واضح ڪيو تہ ڳالھين ۾ حڪومت ٽرانسپوٽرز جا جائز مطالبا سنجيدگي سان ٻڌا ۽ انھن کي فوري حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ھاڻي ايسوسي ايشن جي سمورن ميمبرن سرگرميون معمول موجب ٻيھر شروع ڪندا.

گڊز ٽرانسپوٽرز جي ھڙتال سبب ڪراچي بندرگاھ تي ڪم متاثر ٿيو، جھازن جي آمددرفت رڪجي وئي، ھڪ جھاز ڪراچي پورٽ ۽ 2 جھاز بندرگاھ کان ٻاھر ڪلنڪر پورٽ تي ٽرڪن جي اچڻ جي انتظار ۾ آھن.

آئرن مرچنٽس جي صدر حماد پوناوالا چيو آھي تہ گڊز ٽرانسپوٽرز جي ھڙتال سبب مال نہ ملڻ ڪري صنعتون بند ٿيڻ جو خدشو آھي، لوھ جي واپارين ۽ ٻين شين جي امپورٽرز جو اربين رپين جو نقصان ٿي رھيو آھي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب چيو آھي تہ پيپلز پارٽي ٽرانسپوٽرز سان مسلسل رابطي ۾ آھيون، ٽرانسپوٽرز کي اعتماد ۾ وٺي فيصلا ڪندا آھيون ۽ ٽرانسپوٽرز ثابت ڪيو تہ احتجاج پر امن طريقي سان بہ ٿي سگھي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں