حڪومت جو مينڊيٽ جعلي آھي، سوال اٿاريندو رھندس تہ پي ٽي آءِ باني ڇو گرفتار آھي؟ فضل الرحمان

فہرستِ مضامین

چڪوال: جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي سربراهہ مولانا فضل الرحمان حڪومت کي جعلي مينڊيٽ واري قرار ڏيندي چيو آهي تہ اصل سوال اهو آهي تہ حڪومت ڪنهن جي آهي، اصل فيصلا ڪير ڪري رھيو آهي ۽ پي ٽي آءِ  باني ڇو گرفتار آهي؟

چڪوال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جمعيت علماءِ اسلام سربراهہ مولانا فضل الرحمان چيو تہ حڪومت وٽ اصل مينڊيٽ ئي ناهي، ھي جعلي مينڊيٽ سان حڪومت ڪري رھيا آهن، جعلي مينڊيٽ هوندي بہ حڪومت رڳو مسلم ليگ ن جي آهي، پيپلز پارٽي رڳو سهارو بڻيل آهي، يعني اها جعلي اڪثريت نہ، پر جعلي اقليت جي حڪومت آهي۔

هن چيو تہ جڏھن آئين جي خلاف قانون سازي ڪئي ويندي تہ ان جو مطلب آئين سان بغاوت هوندو، جنهن کانپوءِ هنن جو مينڊيٽ پاڻمرادو ختم ٿي ويندو، انهي ڪري اسين گڏيل مشاورت ذريعي هڪ متفقہ موقف سامهون آڻڻ چاهيون ٿا۔

مولانا فضل الرحمان چيو تہ جيستائين 28هين ترميم ۽ نون صوبن جي ڳالهہ جو تعلق آهي، تہ اصولي ڳالهه هڪ آهي ۽ عملي حقيقت ٻي آهي۔

هن چيو تہ اوھان فاٽا کي صوبي ۾ ضم ڪيو، اسان دليلن سان ان جي مخالفت ڪئي ۽ ان جي نقصانن کان بہ آگاهه ڪيو، پر اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي عقلِ واري سمجهندي رھي، اڄ اهي ئي ماڻهو چئي رھيا آهن تہ اهو فيصلو غلط هو ۽ هاڻي باقي صوبن کي بہ ورھائڻ جون ڳالهيون ٿي رھيون آهن۔

هن چيو تہ سوال اهو آهي تہ ڇا ان لاءِ زميني حالتون سازگار آهن؟ يا سڀاڻي وري اسين روئينداسين تہ ملڪ کي نقصان پهچايوسين، اهي ماڻهو ڳالهہ تہ ڪري وٺن ٿا، پوءِ طاقت جي زور تي فيصلا لاڳو بہ ڪن ٿا، فاٽا کي طاقت جي زور تي ضم ڪيو ويو ۽ اڄ ھتي ھٿياربند گروپس علائقن تي قبضو ڄمائي ورتو آھي ۽ رياست جي رٽ ختم ٿي چڪي آھي.

مولانا فضل الرحمان چيو تہ مان پوري دعويٰ سان چوان ٿو تہ گذريل 75 کان 78 ورھين دوران نہ پاڪستان جي افغان پاليسي درست رھي آهي ۽ نہ ئي دهشتگردي خلاف پاليسي ڪو بہ ھاڪاري نتيجو ڏئي سگهي آهي۔

جمعيت علماءِ اسلام جي امير چيو تہ فيصلا سياستدانن کي ڪرڻا هوندا آهن، طاقت تہ انهن فيصلن کانپوءِ استعمال ڪئي ويندي آهي۔

هن وڌيڪ چيو تہ پراسيڪيوشن ۽ ٻين ادارن جي خرابين بابت بہ گڏيل راءِ قائم ٿيڻ گهرجي ۽ 22 تاريخ تي ٿيندڙ عالمن جي ڪانفرنس ۾ ان حوالي سان واضح موقف سامهون اچي ويندو۔

مولانا فضل الرحمان چيو تہ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقاتن جي اجازت نہ ڏيڻ بہ هڪ جمهوري ملڪ ۾ افسوسناڪ آهي، مان تہ اهو بہ سوال ٿو اٿارڻ چاهيان ٿو تہ هو ڇو گرفتار آهي؟ مان سياستدانن جي گرفتاري جي حق ۾ آهيان ۽ نہ ملاقاتن تي پابندي جي حق ۾ آهيان۔

هن چيو تہ اصل سوال اهو آهي تہ حڪومت ڪنهن جي آهي ۽ اصل فيصلا ڪير ڪري رھيو آهي؟ اسين سڀ انھن فيصلن هيٺ زندگي گذاري رھيا آهيون۔……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں