اسلام آباد : حڪومت پي ٽي آءِ باني کي اڊيالا جيل مان منتقل ڪرڻ بابت غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت جو چوڻ آھي تہ معاملا ھن ھنڌ تائين پهچي ويا آهن، جتان واپسي ممڪن ناهي، پي ٽي آءِ ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي ايجنڊا تي عمل ڪري رھي آھي، احتجاج جي نالي تي ڏڦيڙ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔
انھي حوالي سان وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي چيو تہ ھي چاھين ٿا تہ قيدي کي اڊيالا جيل مان منتقل ڪيو وڃي ۽ حڪومت بہ سنجيدگي سان ان معاملي تي غور ڪري رھي آھي.
اختيار ولي الزام لڳائيندي چيو تہ ڪي پي جي وڏو وزير سھيل آفريدي جو منشيات اسمگلرن سان ڳٺجوڙ آھي، وزيراعليٰ جي ڪارڪردگي زيرو نہ مائنس آھي.
وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر جو چوڻ ھو تہ وزيراعليٰ عزيز منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث آھن ۽ ھي سرپرستي ڪندو آھي.
واضح رھي تہ گذريل ڏينهن باني سان ملاقات نہ ٿيڻ تي سندس ڀينرن اڊيالا جيل ٻاهران ڌرڻو هنيو هو
پوليس مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو، جڏھن تہ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو …….