لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوھر خان چيو آھي تہ هن حڪومت وٽ ترميم جو حق ئي ناهي، ٻہ ڀاڱي ٽہ اڪثريت کانسواءِ آئين ۾ ترميم نہ ٿي سگھي.
بئريسٽر گوھر خان لاھور هاءِ ڪورٽ ٻاھران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ هي حڪومت رات جي اونداھي ۾ ترميمون منظور ڪرائيندي آھي ، اطلاع آھن تہ آئيني عدالت ۾ ججن جي چونڊ وزيراعظم ڪندو.
ھن چيو تہ هن قدم سان عوام جو عدليہ تي اعتماد متاثر ٿيندو، 26 هين ترميم ۾ اسپيشل ڪميٽي ۾ جيڪو مسودو پي ٽي آءِ سان منظور ٿيو هو، اهو سينيٽ ۾ پيش نہ ڪيو ويو هو.
بئريسٽر گوھر چيو تہ 27 هين ترميم سان وفاق ۽ صوبا سڀ متاثر ٿيندا، 26 هين ترميم بہ غلطي هئي، 27 هين بہ غلط آهي.