اسلام آباد: وفاقي حڪومت ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس جي ٽيرف نظام ۾ وڏي تبديلي لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن۔
تفصيلن موجب حڪومت ملڪ جي بجلي ۽ گئس جي ٽيرف نظام ۾ ھڪ وڏي تبديلي جي تياري ڪري رھي آھي، جنھن تحت ھاڻي استعمال بدران آمدن جي بنياد تي سليب سسٽم متعارف ڪرايو ويندو.
نئين ماڊل تحت سبسڊي يا رعايت جو تعين گهريلو آمدني جي حساب سان ڪيو ويندو، يعني گهٽ آمدني وارن گهرن کي وڌيڪ رعايت ملندي جڏھن تہ وڌيڪ آمدني وارا صارف مڪمل ادائيگي ڪندا۔
اهي سڌارا آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن جي روشني ۾ حتمي شڪل ڏنا پيا وڃن، جن جو مقصد توانائي شعبي ۾ مالي نظم ۽ شفافيت کي بهتر بڻائڻ آهي۔
ان کان اڳ اها بہ خبر سامهون آئي هئي تہ وفاقي حڪومت بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ فڪسڊ چارجز ۾ تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي…..