حيدرآباد: لطيف آباد جي هڪ فليٽ مان رٽائرڊ ڊي ايس پي راحت زيدي جو گولي لڳل لاش مليو آھي.
اطلاع تي لاڳاپيل پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس ذريعن موجب واقعي وقت فليٽ اندر راحت زيدي کانسواءِ ڪو بہ ٻيو شخص موجود نہ هو
جڏهن تہ لاش فليٽ جي هڪ ڪمري مان گولي لڳل حالت ۾ مليو، پوليس شاھديون گڏ ڪرڻ بعد واقعي جي هر رخ کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي…