حيدرآباد جي خراب روڊن تي طنز ڪندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر عھدو وڃائي ويٺي

فہرستِ مضامین

حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد جي خراب روڊن تي طنز ڪرڻ  واري عمل سرڪاري آفيسر کي عهدي کان محروم ڪري ڇڏيو.

اسسٽنٽ ڪمشنر پنو عاقل ردا زھرا ٽالپر کي عهدي تان هٽائي، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل پنهنجي پوسٽ ۾ ردا زهره ٽالپر طنز ڪندي لکيو هو تہ جيڪڏهن اوھان کي گردي ۾ پٿري آهي ته قاسم آباد جي رستن تي سفر ڪريو، پٿري پاڻ ئي نڪري ويندي.

ذريعن موجب، عوامي ردعمل سامهون اچڻ بعد حڪومت رد زھريٰ ٽالپر کي عھدي تان ھٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.

ردا زھريٰ ٽالپر بہ پنهنجي بدلي تي طنزيه انداز ۾ ردعمل ڏيندي لکيو تہ بدلي پنو عاقل مان ٿي آهي، پر ماڻهن جو رويو اهڙو آهي ڄڻ منهنجي بدلي دنيا مان ٿي وئي هجي.

سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي ماڻھن سندس پوسٽ کي عوامي مسئلن جي سچي عڪاسي قرار ڏنو، جڏھن ته ڪجھ حلقن سرڪاري آفيسر جي اهڙي اظهار کي ضابطن جي ابتڙ چيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں