حوثي باغين پاران يرغمال بڻايل 24 پاڪستانين سميت 27 ڄڻا آزاد ٿي ويا: محسن نقوي

فہرستِ مضامین

يمن جي بندرگاھ تي حوثي باغين پاران 24 پاڪستانين سميت ٽينڪر جي يرغمال بڻايل سموري عملي کي آزاد ڪرايو ويو آھي.

وفاقي وزير محسن نقوي چيو آھي تہ ايل پي جي ٽينڪر تي عملي جا 27 ڄڻا سوار ھئا، ڪيپٽن مختار اڪبر سميت 24 پاڪستانين، 2 سري لنڪن ۽ ھڪ نيپالي شھري کي يرغمال بڻايو ويو ھو.

https://twitter.com/MohsinnaqviC42/status/1971898821723525186

17 سيپٽمبر تي اسرائيل پاران يمن جي حوثي باغين جي ڪنٽرول واري بندرگاھ راس العيسيٰ تي تي بيٺل ايل پي جي ٽينڪر تي ڊرون حملو ڪيو ويو ھو، جنھن بعد ٽينڪر کي باھ لڳي وئي ھئي.

ٽينڪر جي عملي پاران باھ وسائي وئي، جنھن بعد حوثي باغين ٽينڪر تي چڙھي اتي ئي سموري عملي کي يرغمال بڻائي رکيو ھو.

پرڏيھي آفيس جي ترجمان  پاران بہ پاڪستانين سميت سمورن يرغمالين جي آزاديءَ جي تصديق ڪندي چيو ويو آھي تہ ايل پي جي ٽينڪر بندرگاھ تان روانو ٿي چڪو آھي ۽ پاڪستانين سميت سمورو عملو خيريت سان آھي.

اسرائيل پاران حملي جو نشانو بڻايل ٽينڪر 6 سيپٽمبر تي ايران مان ڪارگو کڻي يمن جي درگاھ پھتو ھو، جتي اسرائيل پاران کيس ڊرون حملي جو نشانو بڻايو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں