ٻن پاڪستاني جهازن بحيره احمر جو سفر بنا ڪنهن حملي يا رڪاوٽ جي مڪمل ڪيو، عالمي سامونڊي انٽيليجنس ڪمپني جي تصديق
حوثي مليشيا طرفان بحيره احمر ۾ اعلانيل سامونڊي ناڪابندي باوجود پاڪستان جا ٻه تيل بردار جهاز سعودي عرب مان خام تيل کڻي باب المندب ۽ بحيره احمر جو سامونڊي رستو بنا ڪنهن حملي يا رڪاوٽ جي ڪاميابي سان پار ڪري پاڪستان روانا ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، عالمي سامونڊي انٽيليجنس ڪمپني ونڊوارڊ (Windward) ٻڌايو آهي ته افراميڪس ڪلاس جا اهي ٻئي تيل بردار جهاز سعودي عرب جي ينبع بندرگاهه تان خام تيل لوڊ ڪري مسلسل پنهنجو ٽريڪنگ سسٽم فعال رکندي محفوظ نموني پاڪستان ڏانهن روانا ٿيا.
رپورٽ موجب، 20 جولاءِ تي حوثين سعودي عرب سان لاڳاپيل سامونڊي واپار ۽ جهازراني خلاف ناڪابندي جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ چين سان لاڳاپيل جهازن کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي تيل بردار جهازن کي حملن جو خطرو درپيش رهيو يا انهن کي ڊگهي رستي، يعني ڪيپ آف گڊ هوپ ذريعي سفر ڪرڻو پيو.
اهڙي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ پاڪستاني تيل بردار جهازن جو بحفاظت باب المندب مان گذرڻ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.
رپورٽن موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت حوثين کي خبردار ڪيو هو ته ڪنهن به پاڪستاني پرچم بردار جهاز تي حملو پاڪستان جي قومي سلامتي خلاف سڌو سنئون خطرو سمجهيو ويندو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني جهازن جو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي محفوظ سفر علائقي جي سامونڊي واپار، توانائي جي فراهمي ۽ واپاري رستن جي سلامتي لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي.