حملي ۾ زخمي ٿيل صحافي امتياز مير جي طبيعت خراب، وينٽيلينٽر تي منتقل

فہرستِ مضامین

ڪراچي جي علائقي ملير ۾ قاتلاڻي  حملي زخمي ٿيل سينيئر صحافي امتيار مير جي طبعيت خراب ٿيڻ سبب کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آھي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي تہ امتياز مير جي طبعيت تيزي سان سڌري رھي ھئي پر رات کان اوچتو طبعيت خراب ٿيڻ سبب کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آھي.

امتياز مير کي ملير 15 واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار مرد ۽ عورت گوليون ھڻي فرار ٿي ويا ھئا .

فائرنگ ۾ امتياز مير کي 3 گوليون لڳيون ۽ سندس ڀاءُ پڻ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي جوابدارن جي گرفتاري جون ھدايتون جاري ڪيون  ھيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں