حماس جو سينيئر اڳواڻ  ۽ ڳالھين واري ٽيم جو سربراھ خليل الحيہ منظرعام تي اچي ويو

فہرستِ مضامین

حماس جو سينيئر اڳواڻ  ۽ ڳالھين واري ٽيم جو سربراھ خليل الحيہ منظرعام تي اچي ويو  آھي، اسرائيل دوحا ۾ ٿيل حملي ۾ خليل الحيہ کي شھيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي.

عرب ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ خليل الحيہ پنھنجي پٽ ۽ چيف آف اسٽاف جي شھادت جو ٻڌايو،عرب ميڊيا موجب خليل الحيہ پنھنجي پٽ ۽ چيف آف اسٽاف جي جنازي نماز بہ پڙھائي ھئي، اسرائيلي فوج دوحا ۾ ڳالھين دوران حملو ڪيو ھو.

اسرائيل دعويٰ ڪئي ھئي تہ دوحا ۾ ٿيل حملي ۾ خليل الحيہ شھيد ٿي ويو آھي، جڏھن تہ حماس جو چوڻ ھو تہ حملي ۾ حماس جي قيادت محفوظ رھي آھي.

حماس جو چوڻ آھي تہ سينيئر اڳواڻ خليل حيہ پنھنجي پٽ ۽ چيف آف اسٽاف جي جنازي نماز پڙھائي ھئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں