حماس، غزہ جي شهرين تي حملي جي رٿابندي ڪري رھي آھي: آمريڪي پرڏيھي کاتي جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

آمريڪا جي پرڏيھي کاتي چيو آهي ته فلسطينين خلاف حملي جي رٿابندي يا حملو معاهدي جي سڌي ۽ سنگين ڀڃڪڙي ٿيندو ۽ ثالثي جي ڪوششن ذريعي حاصل ڪيل اهم اڳڀرائي کي نقصان پھچندو.

آمريڪا جي پرڏيھي وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته پڪيون شاھديون ۽ ثبوت آھن  تہ حماس تمام جلد غزہ ۾ شهرين تي حملي جي منصوبابندي ڪري رهي آهي، جيڪا جنگبندي معاهدَي جي ڀڃڪڙي ھوندي

ڇنڇر تي جاري بيان ۾ چيو ويو ته فلسطيني عوام خلاف منصوبابندي ڪيل حملي سان جنگبندي معاهدَي جي ’سڌي ۽ سنگين‘ ڀڃڪڙي ٿيندي ۽ ’ثالثي جي ڪوششن ذريعي حاصل ٿيندڙ اهم اڳڀرائي کي نقصان ٿيندو.

آمريڪي پرڏيھي وزارتِ حملي بابت وڌيڪ تفصيل فراھم ناھن ڪيا ۽ واضح ناهي ته انهن ڪهڙين رپورٽس کي جواز بڻائي اِھا دعويٰ ڪئي آھي.

غزہ ۾ حماس جي ماتحت سول ڊي فنس چيو ته اتر غزہ ۾ هڪ اسرائيلي ٽينڪ سان هڪ بس نشانو بڻايو ويو ، جنهن ۾ 11 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. رپورٽن موجب مارجي ويل سڀني جو تعلق هڪ ئي خاندان سان هو.

هي واقعو جنگبندي جي اٺين ڏينهن پيش آيو ۽ ان کي جنگبندي کان پوءِ اڃا تائين جو سڀ کان خطرناڪ حملو قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان ٿيو آهي.

حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي معاهدَي جو پهريون مرحلو جاري آهي ۽ سڀني قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ مارجي ويل جا لاش اڃا اسرائيل ڏانهن واپس ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي.

معاهدَي تحت اسرائيل پنهنجي جيلن مان 250 فلسطيني قيدين ۽ غزہ کان 1718 قيدين کي آزاد ڪيو.

آمريڪي پرڏيھي وزارت موجب هن سلسلي ۾ غزہ امن معاهدَي جي ضمانت ڏيندڙن مصر، قطر ۽ ترڪي کي آگاهه ڪندي زور ڏنو ويو ته حماس معاهدَي جي شرطن جي پابندي ڪري.

بيان ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن حماس اهو حملو ڪيو ته غزہ جي شهرين جي حفاظت ۽ جنگبندي معاهدَي کي برقرار رکڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻا پوندا.

حماس هن وقت تائين آمريڪي پرڏيھي وزارت جي ان بيان تي ڪوبه ردعمل ظاهر نه ڪيو آهي.

ٽرمپ هن هفتي جي شروعات ۾ ٽروٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو هو ته ’جيڪڏهن حماس غزہ ۾ ماڻهن کي مارڻ جاري رکندي، جيڪو معاهدو نه هو، ته اسان وٽ انهن کي مارڻ کانسواءِ ڪو رستو نہ ھوندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں