(تحرير: يوسف جوکيو)
حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري پاران فقير ڪليم اللہ وساڻ کي حر جماعت جو نئون چيف خليفو مقرر ڪرڻ بعد درگاھ روضي ڌڻي ۾ کيس پڳ ٻڌرائي وئي، پڳ ٻڌرائڻ واري رسم ۾ اڳوڻي چيف خليفي فقير قادر بخش مڱريو، فقير احمد صالح مهر ، خليفي فقير محمد اڪرام کوسو، علي غلام نظاماڻي، غلام حيدر انڙ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، پڳ ٻڌرائڻ واري رسم ۾ حافظ رحيم ڏنو مهيسر پير پاڳاري طرفان جاري ڪيل خط بہ پڙھي ٻڌايوويو.
ڪجھ ڏينهن اڳ پير پاڳاري طرفان چيف خليفي قادر بخش مڱريو کي هٽايو ويو هو، جنهن کانپوءِ پير پاڳاري پاران فقير ڪليم الله وساڻ کي حر جماعت جو نئون چيف خليفو مقرر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.
خليفي قادر بخش مڱريو جي جاءِ تي فقير ڪليم اللہ وساڻ کي نئون چيف خليفو مقرر ڪرڻ واري پير پاڳاري جي قدم کي حر جماعت اندر جاري ان اٿل پٿل جو ھڪ ڪڙي سمجھيو پيو وڃي، جنھن تحت ھاڻوڪو پير پاڳارو پھريون ڀيرو جماعت جي بااثر خليفن جو اثررسوخ گھٽائڻ لاءِ اڳوڻي خليفي وريام خاصخيلي کي ھٽائڻ سميت ڪيترائي اھم قدم کڻي چڪو آھي.
فقير ڪليم اللہ وساڻ ڪير آھي؟
فقير ڪليم اللہ وساڻ جو تعلق شهدادپور جي سياسي ۽ بااثر خاندان سان آهي، هي خاندان نه رڳو مقامي سطح تي پر حر جماعت ۾ به نمايان حيثيت رکي ٿو، وساڻن جي ھن خاندان ۽ پير سائين پاڳاري جي خاندان ۾ ڊگهي عرصي کان قربت ۽ عقيدت وارو رشتو قائم آهي.

فقير ڪليم اللھ وساڻ پير پاڳاري جو خاص مددگار ۽ جماعت ۾ مختلف انتظامي ۽ تنظيمي عھدن تي رھي چڪو آھي، ھو ڪنگري ھائوس ڪراچي جو ترجمان ۽ جي ڊي اي اڳواڻ سارا بانو جو مڙس بہ آھي.
چيف خليفي قادر بخش مڱريو کي ڇو ھٽايو ويو؟
پير پاڳاري حر جماعت ۾ جيسلمير چونڪي جي خليفي فقير قادر بخش مڱريو کي 26 جولاءِ تي چيف خليفي واري عھدي تان ھٽائي ڇڏيو ھو، پير پاڳاري پاران لکت ۾ جاري ڪيل حڪمنامي ۾ چيو ويو ھو تہ جماعت اندر ڪو بہ چيف خليفو نہ آھي.
پير پاڳاري 26 جولاءِ تي پنھنجي مھر سان جاري ڪيل تحريري حڪمنامي ۾فقير قادر بخش مڱريو جو نالو کڻڻ کانسواءِ لکيو ھو تہ جماعت اندر ھر ڪو پنھنجي طريقي جو خليفو رھندو، ھر خليفو پنھنجي طريقي کانسواءِ ڪنھن ٻئي جي طريقي ۾ مداخلت نه ڪندو.
پير پاڳاري جو اھڙو حڪمنامو جاري ٿيڻ کان اڳ تائين جيسلمير چونڪي جو خليفو فقير قادر بخش مڱريو حر جماعت ۾ چيف خليفي طور بہ ذميواريون ادا ڪري رھيو ھو.

حر جماعت جي ذريعن جو چوڻ آھي تہ اڳوڻي چيف خليفي خلاف اھڙيون ڪي خاص شڪايتون موجود نہ ھيون، کيس ھٽائڻ جو ھڪ مقصد سندس وڌي ويل اثر رسوخ گھٽائڻ ھو.
حر جماعت اندر اٿل پٿل جو پسمنظر
ھاڻوڪو پير پاڳارو صبغت اللہ شاھ راشدي پھريون پاڳارو آھي، جنھن جماعت اندر خليفن جو وڌي ويل اثررسوخ گھٽائڻ لاءِ غير معمولي ۽ انتھائي وڏا قدم کنيا آھن.
پير پاڳاري جو ان سلسلي ۾ سڀ کان وڏو قدم جماعت جي اھم خليفي وريام فقير خاصخيلي کي ھٽائڻ ھو، وريام فقير خاصخيلي حر جماعت جو پراڻو خليفو ۽ سنجهورو جي صوبائي تڪ تان فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تان ايم پي اي به بڻجندو رهيو آهي.
وريام فقير حرجماعت جي فرق واري چونڪي ورياماڻي سنگت جي مک يا خليفي واري عهدي تي وڏي عرصي کان فائز هو.
حر جماعت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وريام فقير تي جماعت جي مريدن سان زيادتين، ناانصافين ۽ زمينن تي قبضا ڪرڻ جا الزام هئا.
پير پاڳاري وٽ اهي شڪايتون ۽ دانهون پهتيون هيون ته هن ڪيترن ئي مريدن کي هٿ بند ڪرڻ جون غلط سزائون ڏنيون ۽ اهڙين مبينا زيادتين خلاف ڪيترائي مريد ميڊيا جي سامهون به آيا هئا ۽ پير پاڳاري کي مداخلت جي اپيل ڪئي هئي.
وريام فقير تي پير پاڳاري جي حڪمن جي ڀڃڪڙي جا الزام
حر جماعت جي ذريعن موجب خليفي وريام فقير جي ڀائيٽي ۽ يوسي جکڙائو جي چيئرمين بچل فقير خلاف اوڍ جي جوڻيجا برادري پير پاڳارو کي ڪجھ شڪايتون ڪيون هيون ۽ پير پاڳاري سندس هٿ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

بچل فقير جا هٿ بند ڪرڻ واري سزا جو خط وريام فقير پاڻ جاري ڪيو هو، پر هٿ بند هجڻ باوجود وريام فقير عيد واري ڏينهن پير پاڳاري جي دعوت ۾ پنهنجي ڀائيٽي کي درگاھ تي وٺي ويو، جيڪا جماعت جي اصولن جي وڏي ڀڃڪڙي هئي.
عيد نماز کانپوءِ اوڍ جي جوڻيجن جي هڪ نياڻي ان بابت پير پاڳاري کي شڪايت به ڪئي، ذريعن موجب انهن سمورين شڪايتن کي نظر ۾ رکندي پير پاڳاري وريام فقير کي مک جي عهدي تان هٽائي سندس جاءِ تي جهول جي ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي کي ورياماڻي سنگت جو نئون مک مقرر ڪيو.
درگاھ اندر وريام فقير جي حامين جو احتجاج
حر جماعت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پير پاڳاري شڪايتن تي وريام فقير کي پهرين رڳو عهدي تان هٽايو هو، پر اهڙي فيصلي کانپوءِ جڏهن وريام فقير ۽ سندس حامين طرفان جماعتي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي درگاهه تي احتجاج ڪيو ويو ته پير پاڳاري کي سخت ڪاوڙ لڳي.
پير پاڳاري جي حڪم تي مظاھرين کي درگاھ مان ٻاھر ڪڍيو ويو. پير پاڳاري وريام فقير کي جماعت مان خارج ڪندي سندس هٿ ۽ در بند ڪرڻ جا سخت حڪم بہ جاري ڪيا.

ذريعن موجب درگاه جي احاطي ۾ احتجاج ڪندڙ ماڻهن جو مطالبو هو ته پير پاڳارو وريام فقير کي هٽائڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري، پير پاڳاري پاران انڪار باوجود جڏهن وريام فقير جي حامين احتجاج جاري رکيو تہ پوءِ کين درگاه مان گهلي ٻاهر ڪڍيو ويو.
پير پاڳاري درگاهه واري احتجاج بعد وڌيڪ سخت ڪارروائي ڪندي ورياماڻي سنگت جي مختلف علائقن ۽ برادرين لاءِ مقرر ڪيل 9 مک نائبن کي هٽائڻ جا حڪم بہ جاري ڪيا، جن ۾ سبحان علي هنڱورو، گلشير چاڪراڻي، علي غلام جوڻيجو، غلام مصطفيٰ ڀاڻوجو، محمد علي ڪارڙو، لياقت لغاري، محمد علي علياڻي، نواب چانگ ۽ علي شير چانگ شامل آهن، هنن کي حر جماعت مان خارج ڪري سندن هٿ ۽ در بند ڪيا ويا.
پير پاڳاري جي اڳوڻي خليفي وريام خاصخيلي تي ڪاوڙ جو اندازو ان ڳالھ مان بہ لڳائي سگھجي ٿو تہ ھن فرق جماعت جي ڏيڍ سئو سال پراڻي ورياماڻي سنگت جو نالو ئي ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.
پير پاڳاري لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪندي چيو تہ ھاڻي ان چوڪي کي نئين خليفي فقير ھاشم خاصخيلي جي نالي سان سڏيو ويندو.
ورياماڻي سنگت جو نالو وريام خاصخيلي جي پڙڏاڏي وريام فقير رلي واري جي نالي تي رکيو ويو ھو.
صحافين جا بہ ھٿ بند ڪيا ويا
وريام فقير جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي پوٽي عرفان بلوچ ورياماڻي جو بہ هٿ بند ڪيو ويو، ساڳئي الزام هيٺ جماعت سان تعلق رکندڙ صحافين خدا ڏنو ڪاڇائي، جاويد ڪاڇائي ۽ ساحل مهر جا به هٿ بند ڪيا ويا.
حر جماعت جي ذريعن موجب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي پوٽي عرفان بلوچ پاران ھٿ بند جي سزا باوجود وريام فقير جي حمايت ۾ پوسٽون رکڻ جو سلسلو بند نہ ڪيو ويو تہ پير پاڳاري کيس حر جماعت مان نيڪالي ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا.
خواب ڏسندڙ اڳواڻ جا بہ ھٿ بند

پير پاڳاري وريام فقير جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا تي پوسٽ رکڻ تي عمرڪوٽ ضلعي سان تعلق رکندڙ حرجماعت جي اهم شخصيت ۽ پي ايس 50 تي جي ڊي اي اميدوار فقير غلام نبي مڱريو جو بہ ھٿ بند ڪري ڇڏيو.
ھلندڙ مھيني پير پاڳاري حر جماعت جيسلمير چونڪي جي خليفي فقير قادر بخش کي جاري ڪيل حڪمنامي واري خط ۾ غلام نبي مـڱريو جا ھٿ بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
حڪمنامي جي متن ۾ چيو ويو تہ فقير غلام نبي مڱريي ڪجھ عرصو پهرين فيس بوڪ تي لکيو هو تہ حضرت پير سائين ڇٽ ڌڻي بادشاھ خواب ۾ آيا هئا، جن چيو تہ وريام فقير فڪر نہ ڪر، وريام جا هٿ مضبوط ڪرڻا آهن.
حڪمنامي ۾ چيو ويو تہ فقير غلام نبي مڱريي جا هٿ بند ڪيا وڃن ٿا تہ وڃي وريام جا هٿ مضبوط ڪري.
فقير غلام نبي مڱريو 1965 واري جنگ ۾ حر فورس جي ڪمانڊر ۽ اڳوڻي خليفي شهيد فقير امين مڱريو جو فرزند آهي، ھو حرجماعت جي جيسلمير چونڪي جي خليفي قادر بخش مڱريي جو سئوٽ بہ آھي.
ھٿ بند ۽ دربند سزائن جو ڇا مطلب آھي؟
حر جماعت جي اڳواڻن موجب هٿ بند ڪرڻ جو مطلب سوشل بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ در بند ڪرڻ جو مطلب درگاه ۽ جماعت جا در بند ڪرڻ آهي، هٿ بند ڪيل شخص سان شادي غمي ۾ شرڪت سميت سمورا رابطا ختم ڪيا وڃن ٿا، جڏهن تہ در بند ڪيل شخص لاءِ درگاه توڙي جماعت جا در بند ڪيا وڃن ٿا، در بند ڪرڻ جو مطلب بہ جماعت مان نيڪالي ئي ھجي ٿو.
درگاھ جي سموري فيصلا ڪميٽي بہ معطل
پير پاڳاري جولاءِ ۾ درگاھ جي فيصلا ڪميٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي ايم اين اي حاجي پير بخش جوڻيجو سميت ڪميٽي جي سمورن 15 ميمبرن کي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.
حر جماعت جي پيشوا ڪجھ ڏينھن بعد درگاھ جي نئين فيصلا ڪميٽي جوڙيندي فقير سعيد خان نظاماڻي کي نئون چيئرمين مقرر ڪيو، ڪميٽي جي 15 نون ميمبرز جي نالن جو اعلان بہ ڪيو ويو.
پير پاڳاري انتھائي وڏا قدم ڇو کنيا؟
حر جماعت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جماعت جي 15 ئي خليفن پاران مقرر ڪيل سمورا نائب ڪيترن ئي سالن کان مقرر ٿيل هئا، درگاه تي احتجاج واري واقعي کانپوءِ پير پاڳاري خليفن جي وڌي ويل اثررسوخ، لابنگ ۽ گروپنگ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم کنيا.
حر جماعت جا اڳواڻ پير پاڳاري پاران وريام فقير ۽ ٻين خلاف کنيل سخت قدمن جو دفاع ڪن ٿا، سندن چوڻ آھي تہ هٿ بند ۽ دربند جون سزائون اسلام جي انصاف وارن اصولن مطابق آهن، حر جماعت اندر ڪير ڪيتري به وڏي عهدي تي ڇو نہ هجي ان کي عام مريدن کي تڪليف پهچائڻ يا جماعت جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي اجازت ڏئي نہ ٿي سگهجي.