حج لاءِ درخواستون ڏيندڙ 3 لک پاڪستانين جي ڊيٽا ڊارڪ ويب تي اچڻ جو انڪشاف” منھنجي ڊيٽا بہ ڊراڪ ويب تي آھي“ پي ٽي اي چيئرمين

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان انڪشاف ڪيو آهي ته حج لاءِ درخواستون ڏيندڙ لڳ ڀڳ 3 لک ماڻهن جو ڊيٽا ڊارڪ ويب تي ليڪ ٿي ويو آھي.

جمعي تي چيئرپرسن سينيٽر پلوشه خان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي آءِ ٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، پي ٽي اي ڊيٽا چوري سميت اھم معاملن بابت بريفنگ ڏني۔

پي ٽي اي اختيارين انڪشاف ڪيو تہ حج درخواستون ڏيندڙ لڳ ڀڳ 3 لک ماڻهن جو ڊيٽا ڊارڪ ويب تي اچي ويو آهي۔

چيئرمين پي ٽي اي ٻڌايو ته 2022 ۾ ڊيٽا ڊارڪ ويب تي رپورٽ ٿيو هو، سمز جو ڊيٽا ڪمپني وٽ هوندو آهي، 2022 ۾ اسان ان بابت انڪوائري ڪئي هئي، منهنجو پنهنجو سم جو ڊيٽا به 2022 کان ڊارڪ ويب تي آهي، انٽرنيٽ جي مسئلن جو حل اسپيڪٽرم آڪشن آهي۔

ان موقعي تي سينيٽر افنان الله خان چيو ته اسان تي دٻاءُ اچي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ ڊيٽا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قانون نه ٺاهيو وڃي۔

قائمہ ڪميٽي سموري ملڪ ۾ موبائيل فون سروس جو بھتر معيار نه هجڻ ۽ بار بار ڪالز ڊراپ ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں