رپورٽ: شفقت کوسو/جيڪب آباد
جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي مجلس عاملہ، مختلف ضلعن ۽ ٽائونز جي ذميوارن جو اهم اجلاس صوبائي نائب امير قاري محمد عثمان جي صدارت ۽ صوبائي سرپرست مولانا حافظ عبدالقيوم نعماني جي ميزباني ۾ منعقد ٿيو۔
اجلاس ۾ راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ هن وقت بدامني جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، ٻار، بزرگ ۽ عورتون به ڀنگ لاءِ اغوا ٿي رهيا آهن۔ سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهن، جڏهن ته حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ ڪراچي ڊويزن اسٽرٽ ڪرائيم ۽ لاقانونيت جي لپيٽ ۾ آهن۔ حڪمرانن عوام کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ڏنو آهي۔
هن اعلان ڪيو ته جي يو آءِ سنڌ جو امن مارچ 14 سيپٽمبر تي ڪشمور مان شروع ٿيندو ۽ 18 سيپٽمبر تي ڪراچي پهچندو۔ ڪشمور کان ڪراچي تائين امن مارچ جي قيادت مولانا عبدالقيوم هاليجوي ۽ راشد محمود سومرو ڪندا، جڏهن ته ڪراچي ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قيادت سنڀاليندا۔
ڪراچي ۾ مولانا فضل الرحمان قيادت سنڀاليندو
جي يو آءِ جي مرڪزي ترجمان محمد اسلم غوري چيو ته رياست جي پهرين ذميواري عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ آهي پر جڏهن حڪمران پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين ته عوامي تحريڪ ناگزير بڻجي ويندي آهي۔ جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي عوام کي بدامني، ظلم ۽ لاقانونيت خلاف پرامن ۽ منظم جدوجهد لاءِ ميدان ۾ آڻيندي۔
جي يو آءِ سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو ته سنڌ جي سڀني ضلعن ۽ تعلقن ۾ امن مارچ جون تياريون جاري آهن۔ عوامي اجتماعن ذريعي بيداري مهم عروج تي آهي ۽ سنڌ جو هي امن مارچ عوام جي دلين جي آواز ۽ صوبي جي سڀني شهرين جي تحفظ جي ضمانت هوندو۔