جي يو آءِ جو بدامني ۽ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي لاءِ نڪتل مارچ منزل طرف روان دوان آھي۔
ڪنڌڪوٽ کان نڪتل مارچ جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ سکر پھتو، جتي جلسو بہ منعقد ڪيو ويو، جنھن بعد مارچ اُتان روانو ٿي ويو.
جلسي کي خطاب ڪندي راشد محمدو سومرو چيو تہ سندن امن مارچ جاري آھي، جيڪو ڪراچي پھچندو ۽ وزيراعليٰ ھائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.
سندس چوڻ ھو تہ اسان اڳ به ڪراچي تائين امن مارچ ڪيو پر حڪومت سنجيدہ نہ ورتو، ٻه ڀيرا سنڌ امن جرڳو گهرايو ويو پر حڪمران جماعت جو ڪو به سردار شريڪ نه ٿيو.
سنڌ ۾ امن لاءِ بيرحم آپريشن جو مطالبو
ھن چيو تہ سنڌ ۾ امن امان جي لاءِ بيرحم آپريشن ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جو امن بحال نہ ٿي سگھندو.
سندس چوڻ ھو تہ شهيد خالد محمود سومرو کي 12 سال اڳ سکر ۾ امن ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻ بعد قتل شهيد ڪيو ويو هو، اڄ به امن امان لاءِ سنڌ امن مارچ ڪري سکر ۾ تاريخ ورجائي رھيا آھيون، اوھان کي امن ڏيڻو پوندو، سکر لاڙڪاڻو ڊويزن نوگو ايريا بڻيل آهن.
ٻارڙا ۽ عورتون اغوا ٿي رھيون آھن

راشد محمود سومرو چيو تہ سنڌ ۾ معصوم ٻارڙا، نوجوان بزرگ عورتون اغوا ٿي رھيون آھن، چئن سالن جي ٻارڙي سان جنسي زيادتي ڪري قتل ڪيو وڃي ٿي، ڌاڙيل ماڻهن کي اغوا ڪري وڊيو رڪارڊ ڪري وارثن کي موڪلين ٿا.
ھن چيو تہ ڇا سنڌ پوليس شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڏئي سگهي آهي؟، نہ جان محمد مھر ۽ نہ ئي خالد محمود سومرو جي قاتلن کي گرفتا رڪيو ويو آھي.
جي يو آءِ اڳواڻ چيو تہ ڪير بہ ڪالا باغ ڊيم ٺاھي نہ سگھندو، سنڌ جو عوام سنڌو درياھ مٿان ڪو بہ ڊيم قبول نہ ڪندو.
پنجاب کي ٻوڙيو ويو
پنجاب ۾ ٻوڏ ڇو آئي، پنجاب جا درياھ ڀارت کي وڪرو ڪيو ويا اتي ڊيم ٺاهيا ويا بعد ۾ پنجاب کي ٻوڙيو ويو.
ھن چيو تہ ايس ايس پي سکر، پنوعاقل مان اغوا ٿيل نينگر کي بازياب ڪرائي، جيڪڏھن ڪارڪن 18 تاريخ تائين بازياب نہ ٿيو تہ ڪراچي ۾ دمادم مست قلندر ٿيندو.
راشد محمود سومرو ڊبليو ٽي اين نيوز سان ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ جي امن لاءِ سي ايم ھائوس آڏو ڌرڻو ھڻنداسين، سنڌ سرڪار کي امن ڏيڻو پوندو، امن نہ مليو تہ پوءِ دمادم مست قلندر ٿيندو.