جي يو آءِ جو ڪنڌڪوٽ کان نڪتل سنڌ امن مارچ ڪراچي ڏانھن روان دوان آھي، سڪرنڊ پھچڻ تي جي يو آءِ ڪارڪنن مارچ جي آجيان ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي جي يوآءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو تہ سنڌ ۾ وڌندڙ بدامنيءَ سبب عوام جي جان مال داءُ تي لڳل آھي.
ھن چيو تہ سنڌ ۾ بدامني وڌي وڃڻ باوجود حڪمرانن کي ڪا بہ پرواھ ناھي، شڪارپور ، ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين ضلعن ۾ ٻارڙا اغوا ٿين پيا.
سندس چوڻ ھو تہ جي يو آءِ جي امن مارچ کي سنڌ واسي ڀرپور موٽ ڏئي رھيا آھن، اسان ڪراچي پھچي وزيراعليٰ ھائوس آڏو ڌرڻو ھڻنداسين.
ھن چيو تہ ڌرڻي کي جمعت علماءِ اسلام جو سربراھ مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندو.
راشد محمود سومرو چيو تہ جي جان مال عزت جي تحفظ جي ذميواري حڪمرانن جي آھي پر اھي انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا بڻجي ويا آھن
جي يو آءِ جو امن مارچ نوابشاھ کان پوءِ ھالا، مٽياري، ٺٺو، سجاول ۽ 23 سيپٽمبر تي ڪراچي ڏانھن نڪرندو، جتي جي يو آءِ سربراھ مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندو.