جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جا 18 اڳواڻ اشھتاري قرار، ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

راولپنڊي: دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي 18 غير حاضر جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

دهشتگردي جي انت واري عدالت طرفان اشتهاري قرار ڏنل جوابدارن ۾ شبلي فراز، عمر ايوب، ڪنول شوزب، شيخ راشد شفيق ۽ زرتاج گل شامل آهن.

اشتھاري قرار ڏنلن ۾ مھر جاويد،  محمد احمد چٺہ، راءِ حسن نواز، بلال اعجاز، مرتضيٰ خان، اشرف سونڊا، چوڌري، شڪيل نيازي، محمد انصر اقبال، حيدر محمود، شاھير سڪندر ۽ حمزہ لطيف شامل آھن.

عدالت سمورن جوابدارن جون ملڪيتون پڻ ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آھن، جڏھن تہ انهي سلسلي ۾ جوابدارن جي لاڳاپيل ضلعن جي روينيو آفيسرن کي بہ حڪم ڏنا ويا آهن.  

عدالت روينيو آفيسرن کي جوابدارن جي ملڪيت قبضي ۾ وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو تہ جوابدار مقرر تاريخ جي اندر عدالت جي سامهون سرنڊر نٿا ڪن تہ انهن جي ملڪيت کي نيلام ڪيو وڃي. عدالت جوابدارن جي ضامنن کي بہ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں