مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آھي تہ جيڪڏهن سوشل ميڊيا پليٽفارمز پاڪستاني قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندا ته اسان کي ڪارروائي ڪرڻي پوندي، 24 جولاءِ 2025 تي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي پاڪستان ۾ پنھنجون آفيسون قائم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ھئي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي طلال چوڌري چيو تہ ھدايتن ۾ اهو به چيو ويو ته دهشتگرد سوشل ميڊيا پليٽفارمز جو آزاداڻو استعمال ڪري رھيا آھن، سوشل ميڊيا پليٽفارمز تي جديد ٽيڪنالاجي، اي آءِ ۽ الگورڌم کي استعمال ڪري دهشتگردي ڦهلاي پئي وڃي.
ھن چيو تہ ڪجهه سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز جو رسپانس تمام ڪمزور آهي.، دهشتگردي ۾ ملوث 19 اڪائونٽس ڀارت ۽ 28 افغانستان مان ھلايا پيا وڃن، ايڪس۽ فيس بُڪ طرفان دهشتگردي ۾ ملوث اڪائونٽس خلاف ردعمل انتهائي ڪمزور آهي.
سندس چوڻ ھو تہ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪري ٿي ته سوشل ميڊيا پليٽفارمز پاڪستان ۾ پنهنجون آفيسون قائم ڪن. چائلڊ پورنوگرافي جي ڊيٽا پاڻمرادو ڊليٽ ٿي وڃي ٿي ته دهشتگردي وارو مواد ڇو نه؟
اسان مطالبو ڪريون ٿا ته اي آءِ ٽيڪنالاجي استعمال ڪري دهشتگردي ۾ ملوث اڪائونٽس ۽ انهن جو مواد پاڻمرادو ڊليٽ ڪيو وڃي.
مملڪتي وزير چيو تہ افغانستان مان 40 ڪالعدم تنظيمن جا آپريشنل فٽ پرنٽس موجود آهن، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن اتحادي ۽ هڪ ديوار آهي.، جيڪڏهن هي ديوار ڪمزور ٿي ته دهشتگردي جي اها باهه اوڀر کان وٺي اولهه تائين سڀني کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهندي..
طلال چوڌري چيو تہ سوشل ميڊيا پليٽفارمز جو پاڪستان بابت ٻٽو معيار آهي، فلسطين جي معاملي تي 24 ڪلاڪن اندر وڊيوز ڊليٽ ٿي وڃن ٿيون، پوءِ ايڪس طرفان دهشتگردي ۾ ملوث اڪائونٽس جا آءِ پي ايڊريس به فراهم ناهن ڪيا ويندا.
بئريسٽر عقيل چيو تہ سوشل ميڊيا پليٽفارمز جو پاڪستان بابت ٻٽو معيار آهي، فلسطين جي معاملي تي 24 ڪلاڪن اندر وڊيوز ڊليٽ ڪيون وڃن ٿيون.
ھن چيو تہ ايڪس (X) طرفان دهشتگردي ۾ ملوث اڪائونٽس جا آءِ پي ايڊريس به فراهم ناهن ڪيا ويندا.
سندس چوڻ ھو تہ جيڪڏھن سوشل ميڊيا پليٽفارمز اسان سان سھڪار نه ڪيو تہ برازيل ماڊل پڻ اختيار ڪري سگهجي ٿو، برازيل ماڊل ۾ ايڪس جي بندش ۽ ڏنڊ به لڳايو ويو هو.