ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آھي تہ دشمن جي ڪنھن بہ اڳرائي خلاف پاڪ فوج ۽ عوام لوھي ڀِت ثابت ٿيندا، جيڪڏھن دشمن ھڪ ڀيرو ٻيھر اڳرائي ڪئي تہ کيس ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري مختلف يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن سان ويھڪ ۾ شرڪت ڪئي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري استادن ۽ شاگردن سان آپريشن بنيان مرصوص، پاڪ-افغان ڇڪتاڻ ۽ ٻين معاملن تي ڳالھيون ڪوين.
ڊي جي آءِ ايس پي آر دھشتگردن ۽ خارجين خلاف کنيل اثرائتن قدمن تي بہ استادن ۽ شاگردن کي آگاھ ڪيو.
استادن ۽ شاگردن شھيدن ۽ غازين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو تہ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ ڪي پي جو عوام پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آھي.