لائیو جيڪب آباد مان گم ڄاڻايل نينگر جو تلاءَ مان لاش ھٿ

فہرستِ مضامین

جيڪب آباد جي  شيدي محلا مان ڪجهہ ڏينهن اڳ گم ٿيل نينگر مزمل ابڙو جو لاش ڳڙھي سٻايو واري علائقي ۾ پاڻي جي تلاءَ ڀرسان هٿ آيو آھي، پوليس ۽ وارثن لاش جي سڃاڻپ مزمل ابڙو طور تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پوليس موجب لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ويو.

ياد رھي تہ نينگر جي ڳولا لاءِ ايس ايس پي جيڪب آباد پاران 5 لک روپين جي انعام جو اعلان پڻ ڪيو ويو هو، جڏھن تہ پوليس مختلف هنڌن تي ڳولا مهم بہ هلائي ھئي.

پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں