جوھي ۾ ڪاڇو فيسٽيول پڄاڻي تي پھتو، مختلف سيشنز منعقد

فہرستِ مضامین

ڪاڇي ۾ ادب، موسيقي، ثقافت، راندين ۽ قومي ورثي جو اھڄاڻ ٻن ڏينھن وارو ڪاڇو فيسٽيول پنھنجي پڄاڻي تي پھتو.

ڪاڇو لوڪ ادب ورثو ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران منعقد ڪرايل فيسٽيول جو افتتاح 13 فيبروري تي تاريخي شھر ھيرو خان ۾ پ پ ايم پي اي سيجيلا لغاري ۽ تنظيم جي سرواڻ شبير لاشاري ڪيو.

پھرين ڏينھن ملاکڙو، ڪوڏي ڪوڏي، اٺن جي ڊوڙ، ڏاڪي جھمر ۽ ٻيون ثقافتي رانديون منعقد ڪيون ويون.

ملاکڙي ۽ ٻين راندين ۾ علائقي واسين ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

افتتاح بعد خطاب ڪندي پ پ ايم پي اي سجيلا لغاري چيو تہ ڪاڇي ۾ اھڙا پروگرام ٿيڻ گھرجن، ايندڙ پروگرام ۾ ھو انتظاميہ سان ڀرپور سھڪار ڪندا.

ڪاڇي فيسٽيول جي ٻئين ۽ آخري ڏھاڙي جو پنڊال جوھي شھر ۾ سجايو ويو، جنھن ۾ پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي، بندہ علي لغاري، ڊبليو ٽي اين جي سرواڻ قادر لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

فيسٽيول جي آخري ڏھاڙي تي ادبي ڪانفرنس، مشاعرو ۽ ڪاڇي جي آبي، معدنياتي وسيلن  ۽ موسمياتي اثرن بابت بہ ويھڪ منعقد ڪئي وئي.

جڏھن تہ ڪاڇو ۽ لطيف، مزاح گيري ۽ سگھڙ ڪچھري بہ منعقد ڪئي وئي.

ڪاڇي جا آبي، معندياتي وسيلا ۽ موسمياتي اثر جي عنوان ھيٺ ٿيل سيشن ۾ سينيئر صحافي رياض سھيل، شڪيل سومرو ۽ سماجي اڳواڻ معشوق برھماڻي اسپيڪر طور شرڪت ڪئي، جڏھن تہ ھن سيشن جي ماڊيٽر  فھميدہ رياض سھواڻي ھئي.

سيشن ۾ شريڪ اسپيڪرز ڪاڇي جي آبي ۽ معدنياتي وسيلن توڙي موسمياتي اثرن تي ڳالھائيندي چيو تہ ڪاڇي جي وسيلن تي مقامي ماڻھن جو حق آھي، کين اھو حق ملڻ گھرجي.

سندن چوڻ ھو تہ ڪاڇي ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين ۾ علائقي واسين کي روزگار ملڻ گھرجي.

ٻئي پاسي ڪاڇو فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندڙ پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي، ڊبليو ٽي اين جي سرواڻ قادر لاشاري ۽ ٻين چيو تہ ڪاڇو فيسٽيول منعقد ٿيڻ تمام بھترين عمل آھي.

سندن چوڻ ھو تہ ڪاڇو فيسٽيول ۾ علائقي واسين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڏسي کين خوشي ٿي آھي.

فيسٽيول دوران سگھڙن ڏور بيت ٻڌائي واھ واھ ڪرائي ڇڏي، جڏھن تہ مزاح گيري واري سيشن ۾ نامياري ڪاميڊين راجا اياز ڀٽو ۽ ٻين فن جو مظاھرو ڪيو.

ڪاڇو فيسٽيول ۾ سنڌ جي ليجنڊ گلوڪار استاد منظور سخيراڻي سرُن جي ورکا ڪري ويٺلن کي جھمائي ڇڏيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں