منصور گاڏھي
جوھي ۾ بدامني خلاف شھري روڊن تي نڪري آيا، سياسي سماجي ڌرين ڌرڻو ھنيو آھي.
سياسي سماجي، مذھبي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي سوين ماڻھن مخدوم بلاول پارڪ کان ريلي ڪڍي ٽيڪسي اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو.
احتجاجي ريلي امداد لغاري، غلام نبي باهوٽو، قربان کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي،شھرين دڪاندارن ۽ واپارين بہ شرڪت ڪئي.
اڳواڻن چيو تہ دادو ضلعي اندر امن ۽ امان جي صورتحال خراب آھي، ڪوبه شھري محفوظ ناهي، پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي.