اسلام آباد: جوڊيشل ڪميشن سنڌ ۽ بلوچستان ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.
جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت ھيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ظفر احمد راجپوت کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ جسٽس ڪامران خان ملاخيل کي بلوچستان ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
پڌرائي موجب ڪميشن اجلاس ۾ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي سپريم ڪورٽ جو مستقل جج مقرر ڪرڻ جي بہ منظوري ڏني وئي.
جوڊيشل ڪميشن رولز ۾ ترميم لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، وفاقي آئيني عدالت جي جج جسٽس عامر فاروق ڪميٽي جي سربراھي ڪندو.
اٽارني جنرل، فاروق ايڇ نائيڪ، بئريسٽر علي ظفر ۽ احسن ڀون ڪميٽي جو حصو ھوندا، ڪميٽي جوڊيشل ڪميشن رولز ۾ ترميمن جو مسودو تيار ڪندي….