لاهوجي مقامي عدالت يوٽيوبر سعد الرحمان عرف ڊڪي ۽ سندس زال عروب جتوئي ۽ ٻين جوابدارن تي فردِ جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي۔
جوڊيشل مئجسٽريٽ نعيم وٽو جي عدالت ۾ آن لائين جوا ويب سائيٽسن جي پروموشن واري ڪيس جي ٻڌڻي، ٻڌڻي دوران يوٽيوبر سعد الرحمان عرف ڊڪي سميت ٻيا جوابدار عدالت پيش ٿيا.
عدالت سعد الرحمان عرف ڊڪي، سندس زال عروب جتوئي ۽ ٻين جوابدارن تي فردِ جرم لاڳو ڪئي، پر سڀني جوابدارن ڏوھہ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۔
عدالت ڪيس جي شاهدن کي 23 فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي۔
ياد رھي تہ اين سي سي آءِ اي سعد الرحمان عرف ڊڪي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ جوابدارن تي آن لائين جوا ويب سائيٽن جي مشھوري ڪرڻ جو الزام آهي۔…