جوابي ڪاررواين ۾ 560 آمريڪي فوجي مارجي چڪا آھن: ايران جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

ايران دعويٰ ڪئي آهي تہ سندس فوجي حملن ۾ مارجي ويل آمريڪي فوجين جو انگ وڌي 560 ٿي ويو آهي.

ايراني فوج موجب ڪويت ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏي کي مڪمل طور ناڪارا بڻايو ويو آهي ۽ ڪيترائي آمريڪي ويڙحاڪ جهاز بہ تباهہ ڪيا ويا آهن.

ايران طرفان اھا بہ دعويٰ ڪئي وئي آهي تہ ڪويت ۾ حملي دوران هڪ آمريڪي ويڙھاڪ جهاز ڪيرايو ويو آھي، جڏھن تہ آمريڪا ۽ ڪويت هن دعويٰ جي اڃا تائين ڪا بہ تصديق يا ترديد ناهي ڪئي.

ٻئي پاسي ايران اسرائيل جي گادي واري شهر تل ابيب، والاريل مغربي ڪناري ۽ والاريل بيت المقدس تي بہ ميزائل حملا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

والاريل بيت المقدس ۾ تازي حملن دوران 5 ڄڻا زخمي ٿيڻ جون خبرون آهن، جڏھن تہ هڪ عمارت کي باهہ لڳي وئي، ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

گذريل ڏينهن بيت المقدس جي علائقي شمش ۾ ٿيل ايراني ميزائل حملن ۾ مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 9 ٿي ويو آهي، جڏھن تہ 27 زخمي ۽ 20 گم ڄاڻايا پيا وڃن، حملن سبب اسرائيل ۾ 40 کان وڌيڪ عمارتن کي نقصان پهتو آهي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں