جنگ ۾ شڪست کانپوءِ مودي منھن لڪائي گھمي رھيو آھي: بلاول ڀٽو زرداري

فہرستِ مضامین

مظفرآباد : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تہ ڀارت خلاف جنگ کانپوءِ پاڪستان جو معيار سڀني جي آڏو آھي ۽ مودي وري منھن لڪائي گھمي رھيو آھي.

مظفرآباد ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ مودي سرڪار ڀاءُ کي ڀاءُ سان وڙھائڻ چاھي ٿي،  پاڪستان سان آزاد ڪشمير جا رشتا ڪمزور ڪرڻ واري سازش ڪامياب نہ ٿيندي.

ھن چيو تہ مودي پاڪستان کان جنگ ھارائڻ بعد دنيا کان منھن لڪائي رھيو آھي، کيس خبر آھي تہ سڀ کيس 7 جھاز ڪيرائڻ واري جھاز ياد ڏياريندا.

سندس چوڻ ھو تہ ڀارت چاھي ٿو تہ اسان پاڻ وڙھندا رھون، اسان اھو ٿي ۾ نہ ڏينداسين.

پ پ چيئرمين چيو تہ بند ڪمرن ۾ ويھي آزاد ڪشمير جي حڪومت نہ ھلائينداسين، فيصل راٺوڙ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪندو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ پيپلزپارٽي جي مينڊيٽ تي ڌاڙو ھڻي اقتدار پي ٽي آءِ کي ڏنو ويو، مان پاڻ چونڊن ۾ آيو ھئس، آزاد ڪشمير ۽ گلگت مايوس نہ ڪيو، جيترو شعور ڪشميرين ۾ آھي اوترو ڪنھن ۾ بہ ناھي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں