جنگ دوران ڀارت کي پاڪستان ھٿان آيل شڪست جو آمريڪي ڪانگريس بہ اعتراف ڪيو آھي: وزيراعظم شھباز شريف

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شھباز شريف چيو آھي تہ جنگ دوران ڀارت کي پاڪستان ھٿان آيل شڪست جو آمريڪي ڪانگريس بہ اعتراف ڪيو آھي، رڳو چئن ڪلاڪن ۾ ئي پاڪ فوج ڀارت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

دانش اسڪول باغ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنھنجي ھر تقرير ۾ چوندو آھي تہ جنگ دوران ڀارت جا 7 جھاز ڪريا، پاڪ فوج چئن ڪلاڪن ۾ ڀارت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

ھن چيو تہ ڀارت خلاف جنگ ۾ پاڪستان تاريخي فتح حاصل ڪئي، آمريڪي ڪانگريس بہ پاڪستانا جي فتح جو اعتراف ڪيو آھي.

ھن چيو تہ باغ ۾ دانش اسڪول جي افتتاح تي خوشي ٿي رھي آھي، پنجاب کان شروع ٿيل سفر سڄي ملڪ تائين پھچي چڪو آھي. سندس چوڻ ھو تہ ھي اھي درس گاھون آھن جن جو مقابلو ملڪ جو ڪوبہ تعليمي ادارو نٿو ڪري سگھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں