لائیو جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون اھم مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آھن: ايراني سفير رضا اميري مقدم

فہرستِ مضامین

پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو آھي تہ جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون اھم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آھن .

ايراني صفير رضا اميري مقدم پنھنجي سماجي رابطن واري ويبس سائيٽ تي بيان جاري ڪيو آھي.

ايراني سفير رضا اميري مقدم لکيو تہ جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي خيرسگالي ۽ سفارتي ڪوششون ھڪ نازڪ ۽ حساس مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آھن.

ھن پنھنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ اھو بہ لکيو تہ وڌيڪ تفصيلن جو انتظار ڪيو.

ياد رھي تہ برطانوي خابرو اداري پاران دعويٰ ڪئي وئي آھي تہ پاڪستان جامع جنگبندي جو فريم ورڪ آمريڪا ۽ ايران سان شيئر ڪيو آھي.

جنگبندي تجويز کان واقف ذريعن رائيٽرز کي ٻڌايو ھو تہ پاڪستان پاران شيئر ڪيل فريم ورڪ 2 مرحلن تي ٻڌل آھي.

پھرين مرحلي ۾ فوري جنگبندي جڏھن تہ بعد ۾ جامع معاھدو شامل آھي.

آمريڪا ۽ ايران کي جارحيت جي خاتمي ۽ فوري جنگبندي جو منصوبو مليو آھي ….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں