لائیو جمهوري دور ۾ ڪراچي پريس ڪلب ڇو سيل؟، ذميوار ڪير؟

فہرستِ مضامین

شڪيل سومرو

ڪراچي جهڙي ميگا سٽي جي دل ۾ موجود پريس ڪلب رڳو هڪ عمارت ناهي، پر اهو اظهارِ راءِ جي آزادي، سياسي شعور ۽ جمهوري جدوجهد جو هڪ تاريخي استعارو رهيو آهي. پر اڄ جڏهن ان ئي پريس ڪلب جي چوڌاري ڪنٽينرن جون اوچيون ديوارون کڙيون ڪري ان کي عملي طور سيل ڪيو وڃي ٿو، ته اهو منظر رڳو حيرت انگيز نه، پر انتهائي فڪرمند ڪندڙ پڻ آهي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا واقعي اسان جمهوريت ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون يا وري ڪنهن نئين طرز جي نرم آمريت کي قبول ڪري ويٺا آهيون؟

سينئر صحافي مظهر عباس جي ڳالهه دل کي چيريندڙ آهي ته اهڙا منظر شايد سخت مارشل لا جي دور ۾ به گهٽ ڏٺا ويا. اها ڳالهه صرف هڪ صحافي جي راءِ نه، پر صحافتي تاريخ جو تجربو آهي، جنهن ۾ 42 سالن جي مشاهدي جو وزن شامل آهي. جڏهن اهڙو ماڻهو چوي ٿو ته اڄ جا منظر ماضي جي آمريت کان به وڌيڪ سخت آهن، ته پوءِ ان تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ ضروري ٿي وڃي ٿو.

1958 ۾ قائم ٿيل ڪراچي پريس ڪلب هميشه مظلومن، بي آواز ماڻهن، سياسي ڪارڪنن، شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين لاءِ هڪ محفوظ پناهه گاهه رهيو آهي. جڏهن ملڪ ۾ سياسي پارٽين تي پابنديون لڳنديون رهيون، جڏهن اخبارون بند ڪيون ويون، جڏهن فيض، جالب ۽ جوش جهڙن وڏن نالن تي به قدغن لڳيون، تڏهن به پريس ڪلب جا دروازا کليل رهيا. اهو ئي ادارو هو جتان جلوس نڪرندا هئا، جتان گرفتاريون ڏنيون وينديون هيون ۽ جتان اظهار جي آزادي لاءِ تحريڪون جنم وٺنديون هيون.

پر اڄ جو منظر ان روايت جي مڪمل ابتڙ آهي. هڪ جمهوري حڪومت جي دور ۾، خاص ڪري سنڌ ۾، جتي پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجو پاڻ کي جمهوريت جي علمبردار طور پيش ڪندي رهي آهي، اتي اهڙي قسم جو عمل انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. اها ساڳي پارٽي آهي، جنهن جي ڪارڪنن آمريت جي دور ۾ ڪوڙا کاڌا، جيلون ڀوڳيون ۽ اذيتون برداشت ڪيون. پر اڄ جيڪڏهن ساڳي پارٽي جي حڪومت هيٺ اظهارِ راءِ کي محدود ڪيو وڃي، ته پوءِ اهو تضاد وڌيڪ نمايان ٿي وڃي ٿو.

اهو سوال به اهم آهي ته آخر اهڙو خوف ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڪو سياسي گروهه يا سول سوسائٽي جا ماڻهو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪن ٿا، ته ان سان ڪهڙو طوفان اچي وڃي ها؟ جمهوريت جو حسن ئي اهو آهي ته ماڻهن کي ڳالهائڻ، احتجاج ڪرڻ ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو حق هجي. جيڪڏهن اهي بنيادي حق به محدود ڪيا وڃن، ته پوءِ جمهوريت صرف نالي جي رهجي وڃي ٿي.

ذميواري جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته سنڌ جي گهرو کاتي، سٽي پوليس ۽ انتظاميا تي سڌي طرح سوال اٿن ٿا. “مٿان کان حڪم هو” جهڙو جواز نه رڳو ڪمزور آهي، پر اهو هڪ خطرناڪ روايت کي به جنم ڏئي ٿو. هي اصطلاح انگريزن جي دور ۽ آمريت جي حڪمراني سان جڙيل رهيو آهي، جتي حڪم مٿان کان ايندو هو ۽ هيٺيان بنا سوال جي ان تي عمل ڪندا هئا. پر هڪ جمهوري نظام ۾ اهڙي سوچ جي ڪا به جاءِ نه هئڻ گهرجي.

ڪراچي پريس ڪلب جي تاريخ ۾ منهاج برنا، نثار عثماني ۽ ٻين ڪيترن ئي بيباڪ صحافين جا نالا سونهري اکرن سان لکيل آهن، جن اظهارِ راءِ جي آزادي لاءِ جيلون ڪاٽيون.  هي اهو پريس ڪلب آهي جتي رياستي پابندين کي ٽوڙيندي جوش مليح آبادي ,فيض احمد فيض ۽ حبيب جالب جهڙن باغي شاعرن جو آڌرڀاء ڪيو ويوجنرل ضياءَ جي سخت ترين مارشل لا ۾ به بيگم نصرت ڀٽو ۽ ايم آر ڊي جي اڳواڻن لاءِ اهو ادارو هڪ محفوظ جاءِ رهيو. اڄ جيڪڏهن ان ئي اداري کي ڪنٽينرن ۾ قيد ڪيو وڃي، ته اهو رڳو هڪ عمارت جي بندش ناهي، پر هڪ تاريخي ورثي جي توهين پڻ آهي.

وقت اچي ويو آهي ته اهڙن عملن تي سنجيدگي سان نظرثاني ڪئي وڃي. جمهوريت صرف چونڊون ڪرائڻ جو نالو ناهي، پر اهو هڪ سوچ، هڪ رويو ۽ هڪ برداشت جو نالو آهي. جيڪڏهن حڪومتون پاڻ ئي اظهار جي آزادي کي محدود ڪنديون، ته پوءِ عوام کي ڪهڙو پيغام ملندو؟

آخر ۾ اهو سوال هر باشعور شهري جي ذهن ۾ گونجي رهيو آهي، ڇا اسان واقعي جمهوريت ۾ رهي رهيا آهيون يا صرف ان جو تاثر پيدا ڪيو پيو وڃي؟

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں