ڪراچي : جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڪراچي جي علائقي ۾ نيپا ۾ ٻارڙو گٽر ۾ ڪرڻ واري واقعي تي افسوس ڪندي چيو آھي تہ بي آر ٽي جي نالي تي شھرين جي تذليل ڪئي پئي وڃي، بي آر ٽي کي فوري طور بند ڪيو وڃي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان الزام ھنيو تہ سنڌ حڪومت ڪرپشن جو سڀ کان اڏو بڻجي وئي آھي، ڪراچي جي صورتحال خراب ٿي چڪي آھي، ھن الزام ھنيو تہ ڪراچي جي اڏاوت جا 3360 ارب رپيا 15 سالن ۾ سنڌ حڪومت کائي وئي آھي.
ھن چيو تہ ميئر صاحب سمورا ادارا پنھنجي قبضي ۾ ڪيا آھن، بي آر ٽي جي نالي تي شھرين جي تذليل ڪئي پئي وڃي، مطالبو آھي تہ ريڊ لائن پروجڪيٽ ختم ڪيو وڃي ۽ پراڻو يونيورسٽي روڊ بحال ڪيو وڃي .
حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ ھو تہ گلشن اقبال ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن شھري جي گھر تي قبضو ناڪام بڻايو، لڳي ٿو ھتي ڪا حڪومت موجود ئي ناھي، شھري غيرمحفوظ ٿي ويا آھن.
ھن چيو تہ ڪراچي ۾ زمينن تي قبضن خلاف جماعت اسلامي سيل ٺاھي، زمينن تي قبضن خلاف مزاحمت ڪئي ويندي، عوام جي شموليت سان قبضا گيرن خلاف ڀرپور مزاحمت ڪنداسين، ڪراچي جي شھرين کي لاوارث نہ ڇڏينداسين………