جڳ مشھور آمريڪي پاپ سنگر ميڊونا ڪيٿولڪ مسيحين جي پيشوا پوپ ليو کي اپيل ڪئي آھي تھ ھو جلد کان جلد غزھ جو دورو ڪري، ڇاڪاڻ تھ اتي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٻار ٿي رھيا آھن.
انسٽا گرام تي پوسٽ ڪيل پنھنجي جذباتي پيغام ۾ ميڊونا چيو تھ ھڪ ماءُ جي حيثيت ۾ مان فلسطيني ٻارن جي تڪليف برداشت نھ ٿي ڪري سگھان، غزھ جا ٻار وڏي تڪليف ۾ آھن، ٻار تھ سڀني جا ساڳيا ھوندا آھن.
آمريڪي پاپ سنگر چيو تھ غزھ ۾ انساني امداد جا دڳ کولڻا پوندا تھ جيئن بي گناھ ۽ معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچائي سگھجن. ميڊونا چيو تھ وقت صفا ٿورو بچيو آھي.
ميڊونا چيو تھ سياست مسئلا حل نھ ٿي ڪري سگھي، شعور ئي تبديلي آڻي سگھي ٿو، ان ڪري پوپ ليو کي مدد جي درخواست ڪري رھي آھيان.
توھان کي غزه وڃڻ کان ڪير روڪي نه ٿو سگھي
ميڊونا پنھنجي پيغام ۾ پوپ ليو کي چيو تھ توھان واحد شخصيت آھيو جنھن کي ڪير بھ غزھ وڃڻ کان نھ ٿو روڪي سگھي، توھان کي فوري طور غزھ جو دورو ڪرڻ گھرجي.

ميڊونا پنھنجي پٽ روڪو جي سالگرا جي موقعي تي سندس لاءِ سڀ کان وڏو تحفو اھو ئي سمجھيو تھ ھوءَ غزھ جي ٻارڙن جي مدد لاءِ سڀني کي مدد جي اپيل ڪري، جيڪي جنگ سبب ھن وقت سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رھيا آھن.
ميڊونا عالمي ادارن ۽ تنظيمن کي ٽيگ ڪندي چيو تھ غزھ جي ٻارن کي بک مرندي نھ ٿي ڏسي سگھان، جيڪي بھ ماڻھو مدد ڪرڻ چاھين ٿا اھي عالمي ادارن ۽ تنظيمن کي چندا ۽ عطيا ڏين.
ياد رھي تھ اسرائيلي جارحيت ۽ لاڳيتن حملن جي ڪري غزھ ۾ انساني امداد نھ پئي پھچي سگھي، ان جي نتيجي ۾ فلسطيني ٻارڙا بک ۽ غذائيت جي کوٽ سبب ڌڙا ڌڙ مري رھيا آھن.
غزھ ۾ انساني بحران واري معاملي تي گڏيل قومن ۽ صحت جي عالمي اداري سميت ٻيا ادارا بھ اھڙي صورتحال جي مذمت ڪري چڪا آھن، عالمي ادارن موجب غذائيت جي کوٽ سبب غزھ ۾ سوين ٻارڙا حياتيون وڃائي چڪا آھن.
آمريڪي پاپ سنگر اعلان ڪيو تھ ھوءَ پنھنجي پٽ روڪو رچي جي 25 ھين سالگرا جي موقعي تي غزھ ۾ ڪم ڪندڙ امدادي تنظيمن کي امدادي عطيا بھ ڏيندي.
ھن پنھنجي پوسٽ ۾ لکيو آھي تھ مون کي محسوس ٿئي ٿو تھ ھڪ والدھ طور بھترين تحفو اھو ھوندو تھ مان سڀني کي اھا درخواست ڪيان تھ غزھ جي جنگ ۾ ڦاٿل معصوم ٻارن جي مدد لاءِ پنھنجي پوري ڪوشش ڪيو.
صحت واري عالمي اداري پاران ميڊونا جي اپيل جي آجيان
ميڊونا جي اپيل تي پوپ ليو جو اڃا تائين ڪو موقف سامھون نھ اچي سگھيو آھي پر پوپ ليو ڪيترائي ڀيرا غزھ ۾ امن جي قيام ۽ انساني حقن جو احترام يقيني بڻائڻ جون اپيلون ڪري چڪو آھي.
صحت واري عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل تيدروس اڌانوم گبريس ميڊونا جي اھڙي پيغام ۽ اپيل تي سندس ٿورا مڃيندي چيو آھي تھ انسانيت ۽ امن جو ڳاٽ اوچو ٿيڻ گھرجي.
گبريس ايڪس تي پوسٽ ڪيل پنھنجي بيان ۾ چيو تھ ميڊونا، توھان جي ھمدردي، يڪجھتي ۽ خاص ڪري غزھ جي ٻارن لاءِ محبت جي اظھار لاءِ مھرباني، اھا انتھائي اھم ڳالھھ آھي.