جشن عيد ميلاد النبي ﷺ: سنڌ واسي ڪيئن پيا ڀيٽائون پيش ڪن؟

فہرستِ مضامین

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ مذھبي جوش جذبي، عقيدت ۽ احترام سان ملھايو پيو وڃي، 12 ربيع الاول جي موقعي تي انسانيت جي عظيم محسن حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ ﷺ کي نعتن ۽ عقيدت جا گل آڇڻ جو سلسلو جاري آهي.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شھيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شھرن ۾ ريليون، تقريبون ۽ ميڙاڪا منعقد ڪيا پيا وڃن..وفاقي ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنسون منعقد ڪيون ويون آھن.

ڪراچي ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ مرڪزي ريلي ۾ وڏي وزير مراد علي شاھه شرڪت ڪئي، مراد علي شاھه ريلي ۾ سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو، ملير ۾ مفتي محمد جان نعيمي جي اڳواڻي ۾ نڪتل جلوس ۾ به شرڪت ڪئي..

حيدرآباد ۾ جشن عيد ميلاد النبي جي مرڪزي ريلي لطيف آباد نمبر 8 واري علائقي مان نڪتي، جنھن ۾ مذھبي اڳواڻن ۽ شھرين شرڪت ڪئي..

نوابشاھ ۾ ڪوھاٽ بادشاھه درگاھه کان مرڪزي ريلي نڪتي، جنھن  ۾ شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جڏھن ته مورو ۾ قادري تحريڪ پاران جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي ريلي ڪڍي وئي، پنو عاقل ۾ به دعا چوڪ کان جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي مرڪزي ريلي نڪتي..

ٽنڊي الھيار ۾ حفاظ علي اصغر نقشبندي، غلام مصطفيٰ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف علائقن کان ٿيندي پريس ڪلب تي پھتي..

گمبٽ ۾ سيد شفقت شاھ جيلاني جي اڳواڻي ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي ريلي نڪتي،  جنھن ۾ شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي..

چيلھار ۾ به مختلف ڳوٺن کان جشن عيد ميلاد النبي صه جون ريليون نڪتيون، جيڪي مک چوڪ تي پھتيون جتي جلسو منعقد ڪيو ويو..

شھدادپور ۾ اسٽيشن روڊ تان جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي مرڪزي ريلي نڪتي، جنھن ۾ مذھبي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ شريڪ ٿيا..

ڳڙھي ياسين ۾ به ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت جي ڏھاڙي تي جماعت اھل سنت جي سڏ تي مختلف علائقن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، ھر طرف مرحبيٰ يا مصطفيٰ جي نعرن جي گونج رھي..

ٺري ميرواھه ۾ به جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي نور مصطفى مدرسي مان نڪتي، جنھن دوران شھرين طرفان مذھبي اڳواڻن مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي.

قاضي احمد ۾ به ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت جي ڏھاڙي تي جاميه رحمانيه مان حافظ عبدالرحمان ماڃوٺو جي اڳواڻي ۾ نڪتي، ھر طرف مرحبا يا مصطفيٰ جون صدائون بلند ڪيون ويون..

سانگھڙ ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي مرڪزي ريلي جامع مسجد مان نڪتي، جنھن ۾ شھرين جو وڏو انگ شريڪ ٿيو..

ٽنڊي محمد خان ۾ به جشن عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي جماعت اھل سنت طرفان سيرت النبي صه چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.

مدئجي ۾ ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت جي موقعي تي حافظ امير جان بروھي جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، جيڪا مختلف ھنڌن کان ٿيندي بس اسٽاپ تي پھتي، جتي جلسو منعقد ڪيو ويو.

تلھار ۾ فاروق اعظم چوڪ تائين جشن عيد ميلاد النبي صه جي ريلي ڪڍي وئي، جتي مذھبي اڳواڻن خطاب ڪيو.

رتوديرو ۾ مختلف ڌرين طرفان جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جون ريليون ڪڍيون ويون.

جڪيب آباد ۾ درگاھه عبدالنبي شاھھ کان اعجاز شاھھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي جڏھن ته پنگريو ۾ جشن عيدميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي..

ڀريا روڊ ۾ ريلوي اسٽاڪ کان فاروق اعظم چوڪ تائين جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي ريلي ڪڍي وئي، جنھن جي اڳواڻي  سيد وقار علي شاھھ ۽ ٻين ڪئي.

بدين ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي جماعت اھلسنت جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي..

سرحد ۾ جماعت اھل سنت ۽ ٻين مذھبي تنظيمن طرفان ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ ھزاري ماڻھن شرڪت ڪئي، ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صه کي نعتن ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

سيٺارجا ۾ به عيد ميلاد النبي جي موقعي تي ريليون ڪڍي ميلاد جون محفلون منعقد ڪيون ويون..

ڀٽ شاھ ۾ به جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي درگاھه تائين ريلي نڪتي، جنھن دوران سڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا..

پکو ۾ به ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت جي ڏھاڙي تي مختلف تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون..

سانگھڙ شھر ۾ به مختلف ڌرين جي سڏ تي جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جون ريليون ڪڍيون ويون..

ٻئي پاسي کورواھه ۾ جماعت جيلانيه غوثيه قادريه پاران پير احمد شاھ جيلاني جي اڳواڻي جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي ريلي ڪڍي وئي، جنھن دوران نعتن ذريعي ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي..

ٺٽو ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي مشروبات جي سبيل لڳائي وئي، جڏھن ته راڄو خاناڻي ۾ نوجوانان اھلسنت پاران ريلي ڪڍي وئي..

وارھه ۾ ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت جي ڏھاڙي تي حسيني مسجد کان ريلي نڪتي، جيڪا شھر جي مختلف علائقن کان ٿيندي فاضل راھو چوڪ تي پھتي..

ڪنڊيارو ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي حسام مسعود ميڊيڪل سينٽر تي سنت طھر جي ڪيمپ لڳائي وئي، جنھن ۾ 250 کان وڌيڪ ٻارڙن جا طھر ڪيا ويا..

ٻانڌي ۾ به جشن عيد ميلاد الني ﷺ جي موقعي تي عيد گاھ کان مرڪزي ريلي نڪتي، جنھن ۾ شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي..

ننگرپارڪر ۾ به ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطيٰ ﷺ جي ولادت جو ڏھاڙو جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو، سموري شھر کي جھنڊن ۽ لائٽن سان سينگاريو ويو..

ٽنڊي محمد خان ۾ به مختلف ڌرين پاران جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي مختلف ڌرين ريليون ڪڍيون، جنھن دوران سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا..

ھوڏانھن ڄام صاحب ۾ به جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي مولانا خاوند حسين سومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنھن دوران ھر طرف مرحبا يا مصطفيٰ جي گونج ٻڌڻ ۾ آئي..

قمبر ۾ به ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت جي ڏھاڙي تي درگاھه حسين آباد کان ريلي نڪتي، جنھن ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي، جڏھن ته ميرپور ماٿيلي ۾ به گھنٽا گھر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، داد لغاري ۾ به جشن عيد ميلاد النبي صه جي ريلي نڪتي..

ڪڪڙ ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي ايم پي اي زبير جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڊکڻ ۾ به جماعت اھل سنتي جي سڏ  تي ريلي نڪتي، جنھن ۾ ھزارين ماڻھو شريڪ ٿيا..

خانپور مھر ۾ جماعت اھلسنت جي سڏ تي درياھه احمد سائين کان ريلي نڪتي، جنھن جي اڳواڻي درگاھه جي گادي نشين ڪئي، جڏھن ته ڄامشوري ۾ به جماعت اھلسنت جي سڏ تي ريلي نڪتي..

ٻئي پاسي دوداپور ۾ درگاھه ميھر شاھه کان جميل احمد ابڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، جوھي ۾ به جماعت اھل سنت جي سڏ تي ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت جو ڏھاڙو جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو..

ڪنڌڪوٽ ۾ به مختلف ڌرين پاران جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي ريلي ڪڍي وئي، خيرپور ۾ به جماعت اھلسنت جي سڏ تي ريلي نڪتي، جڏھن ته ٽنڊي مير علي ۾ بھ 12 ربيع الاول کي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو..

تنگواڻي ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي جماعت اھلسنت جي سڏ تي ريلي نڪتي، جنھن ۾ مذھبي اڳواڻن ۽ شھرين شرڪت ڪئي، ڏھرڪي ۾ بھ درياھھ ڀرچونڊي شريف کان ريلي ڪڍي وئي..

ٽنڊي رحيم خان ۾ ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي موقعي تي ريلي نڪتي، جنھن ۾ علائقي واسين جو وڏو انگ شريڪ ٿيو، ميرپور ساڪرو ۾ ٻھارا کان جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي ريلي نڪتي.

ڪشمور ۾ به مختلف ڌرين پاران جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جون ريليون ڪڍيون ويون، جنھن دوران سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا، باڊھ ۾ الفقرا انجمن حسينيه جي سڏ تي ريلي نڪتي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں